عالمي طاقتن ۽ وفاقي حڪومتن سدائين سنڌ ۾ ڪرپشن کي تحفظ ڏنو آهي: اياز لطيف پليجو

January 1, 2019 at 6:58 pm

 حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جو 2 ڏينهن وارو تعليمي تربيتي ورڪشاپ حيدرآباد ۾ انڊس پهاڙي تي نظاماڻي هائوس تي ٿيو، جنهن ۾ پارٽي سربراهه ۽ ناميواري قانوندان اياز لطيف پليجو، سنڌو نواز گهانگهرو، لنڊن مان آيل ڊاڪٽر علي رضا ميرجت، ليکڪ الله بخش راٺوڙ، شهيد فاضل راهو جي ساٿي ۽ سينيئر پارٽي اڳواڻ بابل خواجا، ايڊووڪيٽ منور جتوئي، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، غلام علي کوساڻي، استاد محمد موسيٰ ڪنڀر، انور نوحاڻي، اديب نعيم ملڪ ۽ ٻين عالمي ۽ ملڪي صورتحال، تاريخ، فلسفي، سائنس، مذهب، ادب، عورتن جي حقن، بين الاقوامي موقعا ۽ سنڌ ۽ ٻين موضوعن تي ليڪچر ڏنا. ان موقعي تي سڄي سنڌ مان ڪيو اي ٽي، سنڌياڻي تحريڪ، ايس ايس ٽي ۽ ايس بي ٽي جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.اياز لطيف پليجي ليڪچر ڏيندي چيو ته  نصيرالله بابر طالبان ٺهريا، انهن افغانستان ۾ نجيب کي قتل ڪيو، پشتون افغاني ڀائر استعمال ٿيا، اها جنگ 17 سالن کان هلي رهي آهي، ابوظهبي ۾ طالبان سان ڳالهين لاءِ اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ آمريڪي، سعودي عرب ۽ پاڪستان جا عملدار شريڪ ٿيا، طالبان جي اعتراض سبب افغان حڪومت جو 12 رڪني وفد شريڪ نه ٿيو. هن چيو ته آمريڪي طاقتن پاڪستان کي بيدرديءَ سان استعمال ڪيو آهي ۽ پوءِ بحرانن ۾ وجهي هٿ ڪڍي ويندا آهن، ائين وڏيرا، سيٺ ۽ سوداگر عوام کي استعمال ڪري پوءِ مصيبتن ۾ وجهي هٿ ڪڍي ويندا آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو