عدليا ۽ اسٽيبلشمينٽ ٿڌي دماغ سان سوچي ته اسان پاڪستان کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيا آهيون: سعد رفيق
December 21, 2018 at 9:00 pmاسلام آباد(بيورو) ن ليگي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته عدليا ۽ اسٽيبلشمينٽ ٿڌي دماغ سان سوچين ته اسان پاڪستان کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيا آهيون.قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته نيب منهنجي خلاف وڏي مشڪل سان جنهن کي واعدي معاف گواهه بڻايو اهو به ڪجهه دستاويز پيش ڪري نه سگهيو. هن چيو ته جيڪو سچ آهي ان جو ذڪر ڪندس ته حراست دوران نيب عملدارن جو رويو مون سان ڪهڙو هو. نيب جو قانون ڪارو قانون آهي، هي احتساب لاءِ نه پر سياسي وفاداريون تبديل ڪرائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ احتساب جي نالي تي انتقام واري روش اختيار ڪئي وئي آهي، ن ليگ جي دور ۾ به احتساب واري عمل کي شفاف نٿو سمجهان.خواجا سعد رفيق سوال ڪيو ته ڇا هي محبت وطن پاڪستاني ڪير آهن؟ جيڪي درخواست لکن ٿا ۽ توهان خلاف ڪارروائي ٿئي ٿي، هي محبت وطن ڪير آهن جيڪي ٻين کي غدار سمجهن ٿا، اسان کي اهو نٿو ٻڌايو وڃي ته فريادي ڪير آهي، جيڪي جاچ ڪري اهي پاڻ نٿا ڄاڻين ۽ جيڪي ڄاڻين ٿا ته ٻڌائڻ جي سگهه نٿا رکن. هن چيو ته نيب قانون بابت گذريل ڏهن سالن ۾ ن ليگ ۽ پ پ پ ڪوشش ڪئي ته هو مڃين ٿا ته اسان نٿا مڃون، هاڻي اسان مڃي ويا آهيون ته توهان نٿا مڃو. هن چيو ته جيڪڏهن ووٽ جي حرمت ۽ پارليامينٽ جي بالادستي تي يقين رکو ٿا ته قانوني، انتظامي ۽ آئيني معاملن تي هڪ آواز ٿيڻو پوندو، جيڪڏهن نه ٿيندا ته منزل وڃائي ويهندا.