عدم اعتماد تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اڳوڻي حڪومت آرمي چيف کي اڻڄاڻايل مدي تائين واڌ جو چيو ھو: ڊي جي آءِ ايس آءِ

October 27, 2022 at 10:15 pm

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ): سينيئر صحافي ارشد شريف جي موت ۽ ان کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم به ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آھي تھ پنهنجي ذات لاءِ نه پر اداري جي خاطر ميڊيا جي سامهون آيو آهيان ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم موجب عدم اعتماد جي تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ اڳوڻي حڪومت آرمي چيف کي اڻڄاڻايل مدي تائين واڌ جو چيو ھو  مارچ ۾ منهنجي خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي پر مون ان جو دفاع ڪرڻ ضروري نه سمجهيو، پنهنجي اداري جي غازين/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 25

 ۽ شهيدن  جي دفاع لاءِ ميڊيا جي سامهون  آيو آهيان پريس بريفنگ دوران ڊي جي آءِ ايس آءِ جو چوڻ ھو تھ غير آئيني ڪم کان انڪار ڪنهن هڪ فرد يا آرمي چيف نه پر اداري جو فيصلو هو، مير جعفر ۽ مير صادق جا لقب ان ڪري ڏنا ويا جو غير آئيني ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو سپهه سالار غدار آهي ته پوءِ رات جي اونداهي ۾ ملاقاتون ڇو پيون  ڪيون وڃن، بي اعتمادي رٿ ناڪام بڻائڻ لاءِ  اڳوڻي حڪومت آرمي چيف کي مدي ۾ اڻڄاتل مدي تائين واڌ جي آڇ ڪئي آرمي چيف ملازمت جي مدي ۾ واڌ واري آڇ ٿڏي ڇڏي، سپهه سالار غدار آهي ته پوءِ رات جي اونداهي ۾ هُن سان ملاقاتون ڇو ٿا ڪريو؟ آرمي چيف ملٽري ڊپلوميسي تحت عوام جي مفادن لاءِ ڪم ڪيو، ڪنهن جي ڌرڻي يا لانگ مارچ تي ڪو به اعتراض نه آهي، احتجاج ڪرڻ هڪ آئيني حق آهي نديم انجم جو چوڻ ھو تھ ارشد شريف ملڪ کان ٻاهر وڃڻ نه پئي چاهيو، پاڪستان ۾ سندس حياتيءَ کي ڪو به خطرو نه هو، ارشد شريف جا ملڪ مان ٻاهر وڃڻ بعد به اداري سان رابطا هئا ارشد شريف واپس اچڻ پئي چاهيو، مارچ 2021 کانپوءِ ڪنهن به اليڪشن ۾ فوج يا آءِ ايس آءِ جي مداخلت جو ثبوت آهي ته سامهون آڻيو اڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار اهم پريس ڪانفرنس ڪري رھيو آھي، پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار سان گڏ ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم بھ ميڊيا سان ڳالھائي رھيو آھي ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تھ اسان کان غلطي ٿي سگھي ٿي، پر غدار ۽ سازشي نٿا ٿي سگھون، سينيئر صحافي ارشد شريف ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار نه هو، کيس خطرا ڄاڻائي زبردستي ٻاهر اماڻيو ويو ترجمان پاڪ فوج  موجب  ارشد شريف کي ٻاهر موڪلڻ لاءِ آگسٽ ۾ هڪ ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو، ٿريٽ الرٽ جاري ڪرڻ جو مقصد ارشد شريف کي ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ قائل ڪرڻ هو ارشد شريف 10 آگسٽ تي پشاور ايئرپورٽ تان متحده عرب امارات لاءِ روانو ٿيو، متحده عرب امارات ۾ ارشد شريف جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو انتظام ڪنهن ڪيو؟ ارشد شريف کي عرب امارات مان ڪينيا وڃڻ لاءِ ڪنهن مجبور ڪيو، اي آر واءِ جي مالڪ سلمان اقبال کي پرڏيهه مان گهرائي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي ارشد شريف جي قتل کي بنياد بڻائي پاڪ فوج خلاف هڪ ڪوڙو بيانيو گهڙيو ويو، ارشد شريف جي معاملي ۾ سلمان اقبال جو نالو ھر ھر اچي پيو، ان کي واپس آندو وڃي پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته سائيفر بابت اڳوڻي وزيراعظم کي سڀ کان پهرين آرمي چيف ٻڌايو، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، اسان کي وڏي حيرت ٿي جڏهن جلسي ۾ ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو هوا ۾ ڦڙڪايو ويو ارشد شريف جي حياتي کي پاڪستان ۾ ڪو به خطرو نه هو، خيبرپختونخواهه جي حڪومت پاران ٿريٽ الرٽ جاري ڪري کيس ٻاهر وڃڻ لاءِ قائل ڪيو ويو

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو