عمران خان اسان جو لاڏلو ناهي، بيان ڏيندڙ وضاحت پيش ڪن: چيف جسٽس

May 13, 2018 at 9:15 pm

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته عمران خان اسان جو لاڏلو ناهي.رپورٽن مطابق سپريم ڪورٽ ۾ بني گالا حددخلين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته ان حوالي سان ٿيندڙ بيان بازي صحيح ناهي، سڏايو پنهنجي وزير اطلاعات مريم اورنگزيب کي، ان کي سندس بيان ڏيکاريون ٿا.چيف جسٽس چيو ته حددخلين خلاف ڪارروائي حڪومت کي ڪرڻي آهي، حڪومت پاڻ ڪارروائي نه ڪئي ته اسان ڇا ٿا ڪري سگهون؟ بار بار اهو تاثر ڇو پيو ڏنو وڃي ته عدالت عمران خان سان ڪو سٺو سلوڪ ڪرفي رهي آهي، وضاحت ڏيو نه ته توهان خلاف ڪارروائي ڪنداسين. حڪومت چيو ته وڏي انگ ۾ تعمير ٿي چڪي آهي، ٻڌايو ته اهي تعميراتون ريگيولر ڪرڻ جو فيصلو ڪنهن جو هو؟ طارق فضل چوڌري عدالت ۾ اعتراف ڪيو ته تعميرات ريگيولر ڪرڻ جو فيصلو اسان ڪيو. عدالت بني گالا تعميرات ريگيولر ڪرڻ جو ڪو حڪم ناهي ڏنو.چيف جسٽس چيو ته اسان ڪٿي عمران خان کي لاڏلو بڻايو آهي،اسان ڪٿي عمران خان کي رعايت ڏني آهي؟ طارق فضل چوڌري چيو ته عمران خان پنهنجي گهر جا دستاويز جمع ڪرايا، ان جي تصديق ناهي ٿي سگهي، ڪيس عدالتٿ ۾ هو، ان لاءِ ڪجهه نه ڪيو.

برکا جو فيس بوڪ صفحو