عمران خان پاڪستان جو ٽرمپ آهي: شاهد خاقان عباسي

December 6, 2018 at 12:28 am

راولپنڊي(م ڊ) اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي وزير اعظم کي آمريڪي صدر جي تشبيهه ڏيندي چيو ته عمران خان پاڪستان جو ڊونلڊ ٽرمپ آهي. مريم اورنگزيب سان گڏ راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت پنهنجون معاشي پاليسيون درست ڪري نه ته مهانگائي جي ٻوڏ اچي ويندي، جيڪي حالتون آهن ان مان ملڪ ۽ جمهوريت کي سخت خطرا آهن. عوام روڊن تي اچي ويو ته حڪومت ڪرڻ ڏکي ٿي ويندي. شاهد خاقان عباسي چيو ته 100 ڏينهن ۾ مخالفن به چيو ته نواز شريف جي حڪومت بهتر هئي، پي ٽي آءِ حڪومت وڇن مينهن ۽ ڪڪڙين جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، ان سان مسئلا حل نه ٿيندا، وزير اعظم صاحب چوي ٿو ته مڊٽرم اليڪشن ٿي ويندي اهي ماڻهو فرار ٿي ويندا. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان پاڪستان جو ٽرمپ آهي ۽ حڪومت مخالف ڌر ڪنيون گاريون ڏيندي آهي، وزير اعظم جو اِهو چوڻ غلط آهي ته فوج پي ٽي آءِ جي منشور سان گڏ آهي، ڇو ته فوج حڪومت سان گڏ هوندي آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو