عمران خان کي سليڪٽ ڪندڙن کي جلد غلطي جو احساس ٿي ويندو: خورشيد شاهه
December 3, 2018 at 10:01 pmاسلام آباد ( بيورو ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان کي سليڪٽ ڪندڙن کي جلد احساس ٿي ويندو ته ڪيڏي وڏي غلطي ڪري ويٺا آهن. گورنر هائوس جي ڀت ڪيرائڻ تي پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته عمران خان جي سونامي سان هرطرف تباهي اچي رهي آهي، پهريون معيشت تباهه ڪئي وئي، هاڻي قومي ورثي کي تباهه ڪيو پيو وڃي، ڪهڙي ٻاراڙي سوچ آ هي ته ڀت ڪيرائي جنگلا لڳايا ويندا، سوچڻ کانسواءِ ڪيل حڪومتي فيصلن سان خوف اچي رهيو آهي. هن چيو ته تاريخي عمارتون ڪيرايون نه پر محفوظ ڪيون وينديون آهن، پنهنجي ڳالهه تي عمل ڪيون وڃي ها ته 100 ڏينهن ۾ وزيراعظم هائوس ۾ تعليمي ادارو هجي ها، هو پنهنجي اعلانن جو مان رکي ها، وزيراعظم هائوس ۽ گورنر هائوس ۾ رهائش ئي نه رکي ها. سندس چوڻ هو ته ڀت ڪيرائڻ جهڙا نمائش قدم رڳو سستي شهرت لاءِ آهن، عمران خان کي احساس ئي ناهي ته حڪمراني ڪيڏي وڏي ذميواري آهي، عمران خان ڪرندڙ معيشت سنڀالي نه ته سندس حڪومت نه سنڀالجي سگهندي. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته ملڪي معيشت کانپوءِ هاڻي قومي ورثي کي تباهه ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي، گورنر هائوس لاهور جون ڀتيون ڪيرائي قومي ورثي جي تباهي جي شروعات ڪئي وئي آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت دنيا جي واحد حڪومت آهي جيڪا عالمي روايتن جي ابتڙ عمل ڪري رهي آهي. خورشيد شاهه چيوته گورنر هائوس جون ڀتيون ڪيرائي عوامي حمايت حاصل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي.