(عهد وفا) ڊرامي تي پابندي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل
February 17, 2020 at 6:14 pm
لاهور(شوبز نيوز) ڊرامه سيريل(عهد وفا) تي پابندي جي لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڊرامه سيريل عهد وفا ۾ ملڪ جي سياستدانن ۽ ميڊيا جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي. هن ڊرامي سبب پرڏيهه ۾ پاڪستان جو گڏيل طور تي منفي تاثر پيدا ٿي رهيو آهي. ان لاءِ عدالت عهد وفا نشر ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري