عوام کي پنهنجي ووٽ جو حق صحيح نموني استعمال ڪرڻ گھرجي: شائسته کوسو

July 9, 2018 at 9:29 pm

سکر(ڊ ر)سکر جي صوبائي تڪ پي ايس 24 جي آزاد عورت اميدوار شائسته کوسو چيو آهي ته هو ڪامياب ٿي ايوان ۾ عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندي.صوبائي تڪ پي ايس 24 جي آزاد عورت اميدوار شائسته کوسو آرائين، بچل شاهه مياڻي، بئراج ڪالوني سميت ٻين جاين تي عورتن سان گڏجاڻيون ڪري پنهنجي چونڊ منشور بابت ڄاڻ ڏني.ڪارنر گڏجاڻين ۾ ڳالهائيندي شائسته کوسو چيو ته ايندڙ نسلن کي معاشي بدحالي ۽ بيروزگاري کان بچائڻ لاءِ عوام کي سجاڳ ٿي پنهنجي ووٽ جو حق صحيح نموني استعمال ڪرڻ گھرجي.نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، جيئن نياڻيون اڳتي اچي پنهنجا مسئلا ڪري سگهن. هن چيو ته هو چونڊ ۾ ڪامياب ٿي عورتن جي مسئلن بابت ايوانن ۾ آواز اٿاري کين پنهنجا حق ڏياريندي

برکا جو فيس بوڪ صفحو