غائب ماڻهو ڪيس، اسان کي الله اڳيان جواب ڏيڻو پوندو: سنڌ هاءِ ڪورٽ
November 7, 2018 at 6:18 pmڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فاضل جج غائب ماڻهو ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا ته اسان کي الله آڏو جواب ڏيڻو پوندو اربع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 50 کان وڌيڪ غائب ماڻهن جي بازيابي لاءِ درخواستن جي ٻڌڻي ٿي ته روايتي پوليس رپورٽس تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته هر ڀيري هڪ جهڙيون رپورٽون کڻي اچو ٿا اسان کي الله آڏو جواب ڏيڻو پوندو هاءِ ڪورٽ سنڌ جي آءِ جي کي غائب ماڻهن جي ڪيسن جي جاچ آفيسرن جي بدلي کان به روڪيندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پوليس کي غائب ماڻهن جي معاملن کي ذاتي طور ڏسڻ جو حڪم ڏنو جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته جاچ آفيسر تبديل ٿيڻ جي ڪري ڪيس رولڙي جو شڪار ٿي وڃن ٿا آفيسر تبديل ڪرڻ کان اڳ عدالت کي آگاهه ڪيو وڇي غائب شهري جي زال عدالت ۾ دانهن ڏيندي چيو ته منهنجو مڙس 2017 کان غائب آهي پر هڪ به جي آءِ ٽي سيشن ناهي ٿيو عدالت ڊي ايس پي ڪورنگي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان عدالتي حڪمن کي ڇو نٿا وڃون عدالت غائب ماڻهن جي جي آءِ ٽيز بابت حڪم تي عمل نه ٿيڻ تي ايس ايس پي ڪورنگي کان جواب طلب ڪري ورتو غائب نوجوان جي ماءُ چيو ته منهنجو هڪ ئي پٽ آهي ساجد علي جنهن کي قانون لاڳو ڪندڙ کنڀي ويا هئا ۽ هو چئن سالن کان غائب آهي 6 نياڻيون آهن گهر ۾ ڪمائڻ وارو ٻيو ڪوبه نه آهي غائب نوجوان جي پيءُ درخواست ڏيندڙ حنيف عدالت ۾ روئيندي چيو ته مون کي بس ايترو ٻڌايو ته منهنجو پٽ زنده آهي يا مري ويو آهي. هڪ ٻئي غائب نوجوان جي ماءُ چيو ته منهنجو پٽ جاويد ٻن سالن کان غائب آهي ۽ رينجرز وارن وٽ آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.