فارورڊ بلاڪ پ پ ۾ نه پر ماڻهن جي دماغ ۾ پيو بڻجي: بلاول ڀٽو زرداري
December 29, 2018 at 5:27 amلاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان اي سي ايل ۽ نوٽيس کان ناهيون ڊڄندا، اسان سرڏيڻ وارا آهيون، ڀڄڻ وارا ناهيون، بزدل خان ڀڄي ويندو، ڪٺ پتلي حڪومت وارا ڀڄي ويندا. لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اين آر او عليم خان، عليمه خان ۽ ٻين جي لاءِ آهي، مخالف ڌر وارن جي لاءِ ڪو به اين آر او ناهي ۽ مخالف ڌر اين آر او چاهي به نٿي، جيڪڏهن احتساب ڪرڻو آهي ته سڀني جو ڪيو، ڪير به مقدس ڳئون ناهي. هن چيو ته هن وقت وفاق ڪمزور ٿيندي پئي وڃي ۽ سڄي پاڪستان ۾ چئني پاسن کان ماڻهو ناراض هن، ملڪ جون حالتون خراب آهن، مهانگائي جي ٻوڏ ملڪ کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مراد علي شاهه تي منهنجو 100 سيڪڙو اعتماد آهي، پيپلز پارٽي ڪو به فارورڊ بلاڪ ناهي بڻجي رهيو البت ماڻهن جي دماغ ۾ بڻجي رهيو آهي.