فخرالزمان ۽ محمد عامر ون ڊي پرفارمنس آف دي ايئر جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

February 21, 2018 at 5:12 pm

لاهور( اسپورٽس نيوز) فخرالزمان ۽ محمد عامر جي چيميپئنز ٽرافي فائنل ۾ پرفارمنس ڪرڪ انفو طرفان سال جي بهترين پرفارمنس قرار ڏني وئي. ڪرڪيٽ جي مشهور ويب سائيٽ ڪرڪ انفو طرفان جاري ڪيلنتيجن موجب ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سال جي بهترين بالنگ ۽ بيٽنگ جا ايوارڊ چيمپيئنز ٽرافي جي فاتح ٽيم پاڪستان جي حصي ۾ آيا. پاڪستان ٽيم جي بهترين بيٽسمين فخرالزمان ۽ فاسٽ بالر محمد عامر جي چيمپيئنز ٽرافي فائنل ۾ بهترين ڪارڪردگي کي سال جي بهترين ڪارڪردگي قرار ڏنو ويو آهي. فائنل ۾  فخرالزمان جي 114 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز هن سال جي ون ڊي جي بهترين بيٽنگ پرفارمنس قرار ڏني وئي جڏهن ته ان معرڪي ۾ محمد عامر جون 16 رنسن عيوض 3 وڪيٽون بهترين بالنگ پرفارمنس قرار ڏنيون ويون.  ايوارڊ حاصل ڪندڙن بين رانديگرن ۾ اسٽيون سمٿ، نيٿن لائن ۽ هيٿر نائيٽ به شامل آهن.

برکا جو فيس بوڪ صفحو