فرشتي کي به نيب چيئرمين بڻايو وڃي ته ڪو فرق نه پوندو:بلاول ڀٽو زرداري

February 19, 2019 at 7:05 pm

 ميونخ(م ڊ)پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته فرشتي کي به نيب چيئرمين بڻايو وڃي ته ڪو فرق نه پوندو.جرمني جي شهر ميونخ ۾ صحافين سان ڳاله/ائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيب جو ادارو سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ ۽ پوليٽيڪل انجنيئرنگ لاءِ ٺاهيو ويو، توهان هڪ فرشتي کي به نيب چيئرمين بڻايو ته به ڪو فرق نه پوندو، ڇاڪاڻ ته اهو ادارو ئي اهڙو آهي، اهو نظام اهڙو آهي جو رڳو سياسي مخالفن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته نيب ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ٺاهيو ويو، پر هن قانون کي سياسي مخالفن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هتي چونڊون ته ٿيون پر جنهن قسم جا اعتراض اٿاريا ويا اهي تمام گهڻا سنگين آهن، اسان کي اهڙن معاملن تي ڌيان ڏيڻو پوندو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو