فلسطين جي وجود جي خاتمي لاءِ اسرائيل کي ٽرمپ جو تحفو!آصف جيلاني
November 24, 2019 at 6:06 pmاسرائيل تي فدا، آمريڪي صدر ٽرمپ اسرائيل کي هڪ ٻيو تحفو پيش ڪيو آهي. ٽرمپ آمريڪا جي اها پاليسي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت گذريل 41 سالن کان آمريڪا فلسطين جي حدن ۾ يهودي وسندين جي تعمير بين الاقوامي قانون جي خلاف قرار ڏيندو آيو آهي. 1978 ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزارت اها قانوني راءِ ڏني هئي ته غرب اردن، غزه جي پٽي ۽ شام جي جولان جي پهاڙين جي علائقي تي اسرائيل جو جارحاڻو قبضو آهي ۽ فلسطين جي سرزمين تي يهودي وسندين جي تعمير بين الاقوامي قانون جي تحت غيرقانوني آهي. هونئن به چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي تحت ڪنهن قابض طاقت کي پنهنجي زير تسلط علائقن تي پنهنجي آبادي منتقل ڪرڻ جو حق نه آهي. آمريڪا ان ڪنوينشن تي صحيحون ڪيون آهن ۽ ان ئي بنياد تي هن وقت تائين آمريڪا جي اها ئي پاليسي هئي. هن وقت ٽرمپ آمريڪا جي اها پاليسي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان جو اصل مقصد اسرائيل جي وزيراعظم ۽ پنهنجي ناٺي جارڊ ڪوشنر جي ويجهي دوست نيتن ياهو جي مدد ڪرڻي آهي جيڪو سيپٽمبر جي عام چونڊن کانپوءِ هن وقت تائين حڪومت جي تشڪيل ۾ ناڪام رهيو آهي. ٽرمپ جو خيال آهي ته ان فيصلي سان نيتن ياهو جي حق ۾ عوامي راءِ هموار ٿيندي، ان سان گڏ ٽرمپ جو هڪ مقصد ايندڙ سال جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ آمريڪا جي بااثر يهودين جو مالي سهڪار ۽ حمايت حاصل ڪرڻ آهي.
جڏهن کان ٽرمپ اقتدار ۾ آيو آهي، هو اسرائيل تي پنهنجي تحفن جي برسات ڪري رهيو آهي. گذريل سال جي آخر ۾ ٽرمپ يروشلم کي جنهن کي فلسطيني پنهنجو گادي وارو هنڌ قرار ڏيندا آهن، من چاهي ڪارروائي ڪندي اسرائيل جو گادي وارو هنڌ قرار ڏنو هو ۽ آمريڪي سفارتخانو يروشلم منتقل ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو هو.
عرب ۽ مسلمان ملڪن ان فيصلي جي خلاف سخت احتجاج ڪيو هو پر هو پنهنجي پنهنجي مصلحتن تحت خاموش ٿي ويهي رهيا، نتيجو اهو نڪتو ته ان خاموشي تي ٽرمپ دلير ٿي ويو ۽ هُن گذريل مارچ ۾ اسرائيل کي هڪ ٻيو تحفو پيش ڪيو ۽ شام جي جولان جي پهاڙن تي اسرائيل جي قبضي کي تسليم ڪندي ان کي اسرائيل جو علائقو قرار ڏنو. اسرائيل جولان کي بي حد اهم سمجهندو آهي، ڇو ته هتي ئي درياهه اردن جو سرچشمو آهي ۽ ان علائقي تي قبضي جي ذريعي درياهه اردن تي پنهنجو تسلط ڄمائي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته 1967 جي جنگ کانپوءِ هو جولان تي قابض آهي. هاڻ ٽرمپ فلسطين جي رهيل سهيل وجود کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فلسطين جي حدن ۾ يهودي وسندين جي تعمير خلاف آمريڪي پاليسي ختم ڪندي يهودي وسندين جي تعمير کي جائز قرار ڏنو آهي. اوڀر يروشلم ۽ غرب اردن ۾ فلسطينين جي زمين تي 13 هزار کان وڌيڪ يهودي وسنديون آهن جن ۾ 6 لک 30 هزار يهودي آباد آهن. فلسطين جي حدن ۾ يهودي وسندين جي تعمير جي ذريعي اسرائيل هڪ عرصي کان پنهنجي توسيع پسند منصوبي تي عمل پيرا آهي ۽ فلسطين جي علائقن ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ ۾ مصروف آهي. فلسطين جي حدن ۾ وسندين جي تعمير در حقيقت انصاف واري عالمي عدالت جي نظر ۾ جنگي ڏوهه آهي پر اسرائيل کي ان جي قطعي پرواهه ڪونهي، ڇو ته ان کي آمريڪا جي ڀرپور حمايت حاصل آهي. هاڻ ٽرمپ جي قدم سان اسرائيل جي لاءِ ڪنهن خطري ۽ مخالفت بنا يهودي وسندين جي تعمير جو رستو کلي ويو آهي. هونئن به جڏهن کان ٽرمپ اقتدار ۾ آيو آهي ته فلسطين جي سر زمين تي يهودي وسندين جي تعمير ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي. ٽرمپ جي صدر چونڊجڻ کان پهريان فلسطين جي حدن ۾ يهودين جي وسندين جو انگ چار هزار چار سئو 76 هو، پر ٽرمپ جي صدر ٿيڻ کانپوءِ نومبر 2016ع کان وٺي گذريل جولاءِ تائين واري عرصي ۾ يهودي وسندين جو انگ 13 هزار 9 سئو 87 تائين پهچي ويو آهي. صدر ٽرمپ جي ناٺي جارڊ ڪوشنر، جيڪو وچ اوڀر ۾ آمريڪي پاليسين ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هُن جو انهن يهودي وسندين جي تعمير ۾ وڏي پيماني تي سرمايو لڳل آهي. يهودي وسندين جي تعمير سان هن وقت غرب اردن ۾ فلسطينين جي ٻه ڀاڱي ٽي علائقي تي اسرائيل جو قبضو آهي. انهن وسندين سبب غرب اردن ۾ يهودين جو انگ 6 لک تائين پهچي ويو آهي، هي علائقا تمام گهڻا زرخيز آهن ۽ هتي زيتونن جا تمام گهڻا باغ آهن. هن علائقي جي فلسطينين جي شڪايت آهي ته علائقي ۾ مقرر اسرائيلي فوج جي مدد سان يهودي آبادڪار فلسطينين جي زمينن تي قبضو ڪري رهيا آهن ۽ هنن جا گهر ڊاهي رهيا آهن. نابلوس کان اتر اولهه ۾ هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ فلسطيني غسان النجار جو چوڻ هو ته گذريل آڪٽوبر ۾ يهودي آبادڪارن اسرائيلي فوج جي مدد سان ان جي ٽي هزار چورس ميٽر زمين تي قبضو ڪري ورتو ۽ ان جي خاندان جي زيتونن جا ٽي هزار کان وڌيڪ وڻ ڪٽي ڇڏيا آهن. غسان النجار جو چوڻ آهي ته هن جي ابن ڏاڏن جي لڳايل زيتونن جي باغن تي سندس خاندان گذارو ڪندو هو ۽ هاڻ اهي بلڪل ختم ٿي ويا آهن. گذريل سيپٽمبر جي عام چونڊن دوران وزيراعظم نيتن ياهو اعلان ڪيو هو ته هن جي ڪاميابي کانپوءِ غرب اردن جي سمورن يهودي وسندين کي اسرائيل جي خود مختياري ۾ آڻڻ جي لاءِ قانون منظور ڪيو ويندو، جيتوڻيڪ اڃان نيتن ياهو جي حڪومت قائم ناهي ٿي سگهي پر غرب اردن کي، جتي يهودي وسنديون آهن، اسرائيل جو خود مختيار علائقو قرار ڏيڻ جي لاءِ قانون سازي جو منصوبو غور هيٺ آهي، جنهن کانپوءِ غرب اردن جو هي پورو فلسطيني علائقو اسرائيل جو علائقو قرار ڏنو ويندو ۽ عملي ۽ قانوني طور تي فلسطين جي وجود جو خاتمو ٿي ويندو. مسلمان ملڪن کي ايتري اقتصادي، سياسي ۽ فوجي قوت حاصل آهي ته اسرائيل جي منصوبي کي ناڪام بڻائي سگهن ٿا پر ان مقصد جي لاءِ مسلمان ملڪن ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي لازمي آهي جنهن جو افسوس ته هن وقت پري پري تائين ڪو امڪان نظر نٿو اچي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته اسرائيل فلسطين جي حدن ۾ پنهنجو قبضو ڄمائي رکندو ۽ فلسطنين کي جيڪي گذريل 50 سالن کان اسرائيل جي محڪومن وانگر زندگي گذاري رهيا آهن، سي ايئن ئي محڪوم رهندا ۽ دنيا جي ڪا به طاقت سندن تقدير بدلائي نه سگهندي.
***********