فنڪارن جي لاءِ مشڪل ڪم خاندان وارن کي ٽائيم ڏيڻ هوندو آهي: عائزه خان
February 17, 2020 at 6:17 pm
لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني ٽيليويزن ۽ ڊرامن جي مشهور اداڪاره عائزه خان چيو آهي ته هڪ فنڪاره جي لاءِ مشڪل ڪم خاندان وارن کي ٽائيم ڏيڻ هوندو آهي. ڊرامه انڊسٽري ۾ هن وقت باصلاحيت فنڪار موجد آهن.اڪثر وڏين فنڪارائن جي پهرين ترجيح فلم آهي ان صورتحال ۾ ٽي وي جي مشهور اداڪاره ۽ ماڊل عائزه ان سڀني کان ڌار آهي. هو ڊرامه سيريل(تم ميري پاس هو) جي مشهوري باوجود فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ راضي ناهي. ان جي مشهوري جو اندازو ان مان لڳائي سگهي سگهجي ٿو ته گذريل ڏينهن جڏهن هو ساحلي شاپنگ مال ۾ فيشن ايمبيسڊر جي طور تي آئي ته ان جي هڪ جهلڪ ڏسڻ جي لاءِ ڇوڪرين کي ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو.