فواد چوڌري جي چوڻ تي ته پي ٽي آءِ جا ميمبر به عمل نه ڪندا: سعيد غني

January 18, 2019 at 7:03 am

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي فواد چوڌري جو چوڻ ته پي ٽي آءِ جا ميمبر به نه وٺندا، وزيراعظم خان عليما خان جي نالي تي بي نامي ملڪيت ٺاهي،  ڇا چندي ۽ زڪوات جو پئسو کائڻ ڏوهه ناهي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته  وفاقي سرڪار وسيلا پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، حڪومت گذريل سال 20 ارب گهٽ ٿيا، هلندڙ سال وفاق سنڌ جا 90 ارب  نه ڏنا. هن چيو ته پهريون ئي چيو هو ته فواد چوڌري کي سنڌ ۾ ڪو به نه ٿو سڃاڻي، سندس شايد پارٽي ڪارڪن به چوڻ نه ٻڌندا،  فواد چوڌري جي دوري جو مقصد عليما خان جي ڪيس تان ڌيان هٽائڻ هو،  وفاقي سرڪار جي مالي حالت سڀني سامهون آهي.  سعيد غني چيو ته  سنڌ جي گورنر آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪيو ته اسان 2 وکون اڳتي هلنداسين،  وزيراعظم صوبائي حڪومت جي دائري ۾ مداخلت نه ڪندو، ماڻهو پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهارو هڻندا آهن، هي پنهنجي جسم تي ڪهاڙي هڻي رهيا آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو