فواد چوڌري چنڊ تي تڪرار حل ڪرڻ لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي

May 7, 2019 at 9:23 pm

اسلام آباد ( بيوور ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري قمري ڪلينڊر لاءِ پنج رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا ايندڙ پنجن سالن لاءِ رمضاب المبارڪ، عيد الفطر ۽ محرم بابت درست تاريخ جو فيصلو ڪندي. سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري پنج مئي تي ٽوئٽر بيان ذريعي آگاهه ڪيو هو ته پنج رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ اسپارڪو، موسميات ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جا ماهر شامل هوندا، اها ڪميٽي ايندڙ 10 سالن  جي چنڊ، عيد، محرم ۽ رمضان سميت ٻيا  اهم ڪلينڊر جاري ڪندي جنهن سان هر سال پيدا ٿيندڙ تڪرار ختم ٿي ويندو. سائنس ۽ ٽيڪنالوجي وزارت طرفان چنڊ جو تڪرار حل ڪرڻ لاءِ قائم ڪميتي ۾ شامل نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.  سائنٽيفڪ ايڊوائزر ڊاڪٽر محمد طارق مسعود ڪميٽيءَ جو ڪنوينر آهي جڏهن ته موسميات کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر نديم فيصل، ابو نسان ۽ وقار احمد شامل آهن، جڏهن ته اسپارڪو مان غلام مرتضيٰ به ڪميٽي جو حصو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري طرفان ٽوئٽر تي شيئر ڪيل نوٽيفڪيشن موجب چنڊ تي تڪرار حل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي ايندڙ پنجن سالن لاءِ رمضان، عيد ۽ محرم جي تاريخن جو 100 سيڪڙو درست فيصلو ڪندي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو