فواد چوڌري کي پنهنجي ليڊر عمران خان جي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي: آصف زرداري جو ترجمان
November 18, 2018 at 5:05 pmڪراچي( اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ترجمان عامر فدا پراچا چيو آهي ته فواد چوڌري کي پنهنجي ليڊر عمران خان جي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي. هڪ بيان ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ترجمان چيو ته آصف زرداري جمهوريت مخالف عنصرن جي اکين ۾ چڀي رهيو آهي.هن چيو ته عمران خان رڳو يوٽرن نه وٺندو آهي پر سانڊي وانگر رنگ ۾ تبديل ڪندو آهي، حڪومت جا 100 ڏينهن 100 ڪوڙ تي ٻڌل آهن. عامر فدا پراچا چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليما خان کي ڪرپشن لڪائڻ جو اين آر او ڏنو ويو آهي. حڪمرانن جون غلط پاليسون عوام کان روزگار کسي رهيون آهن.پيپلز پارٽي جي قيادت جمهوريت قائم رکڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن جنهن کي عوام بخوبي ڄاڻي ٿو.