فٽبال ڪلب چيلسي پريميئر ليگ ۾ پڻ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

October 28, 2019 at 6:09 pm

ليورپول(اسپورٽس نيوز) فٽبال ڪلب چيلسي پريميئر ليگ ۾ پڻ فتح حاصل ڪري وتي جنهن کانپوءِ ان جي لڳاتار ڪاميابين جو تعداد 7 ٿي ويو آهي، پوليزيڪ جي هيٽ ٽرڪ برنلي کي 4-2 جي شڪست جي ور چاڙهي ڇڏيو.دنيا جي هر دلعزيز راند فٽبال جي وڏي ايونٽ ۾ چيلسي ۽ برنلي جي ميچ ٿي، چيلسي ٽيم تجربيڪاري ڏيکاريندي برتري حاصل ڪيئ، 21 ورهين جي آمريڪي فارورڊ ڪرسٽين پولزيڪ 21 ۽ پوءِ 45 منٽ تي گول ڪري خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي.ٻئين هاف ۾ به نوجوان رانديگر تي جوش نظر آيو، 56 هين منٽ تي پنهنجو ۽ ميچ جو ٽيون گول ڪري هيٽرڪ مڪمل ڪئي، چيلسي طرفان چوٿون گول برنلي کي جوش ڏياريو، ڪم بيڪ ڪندي ٻه گول اسڪور ڪيا، 4-2 جي ڪاميابي سان چيلسي لڳاتار ڪاميابين جو تعداد ست ڪري ورتو۔

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو