قطري شهزادي جا خط پنهنجي دفاع لاءِ پيش نه ڪيا آهن: نواز شريف

November 16, 2018 at 7:35 pm

اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف احتساب عدالت ۾ پڇيل سوالن جي جواب ۾ چيو آهي ته ڪڏهن به قطري شهزادي جي خطن کي ڪنهن فورم تي پنهنجي دفاع لاءِ پيش نه ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نواز شريف ٽئين ڏينهن به عدالت طرفان پڇيل وڌيڪ 30 سوالن جا جواب لکت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي 19 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي، سومر ڏهاڙي به نواز شريف پنهنجو 342 جو بيان جاري رکندو. نواز شريف پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته قطري شهزادي جي خطن کي ڪڏهن به ڪنهن فورم تي پنهنجي دفاع لاءِ پيس نه ڪيو آهي، جي آءِ ٽي وٽ ڪو به سبب نه هو اها خطن کي رڳو افسانو قرار ڏي.  هن چيو ته شهزادي حمد بن جاسم جي خطن مان ايئن ڪٿي نه ٿو لڳي ته  هو جي آءِ ٽي سان سهڪار لاءِ تيار نه هو،  هن جي آءِ ٽي کي لکيو هو ته هو سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٻنهي خطرن جي تصديق ڪري ٿو، هن جي آءِ ٽي سامهون سوالنامو فراهم ڪرڻ جو چيو هو، هن طرفان هڪ معقول درخواست هئي ته سوالنامو ڏنو وڃي پر جي آءِ ٽي  بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ غير ضروري طور تي سخت شرط رکيا، جي آءِ ٽي جي طريقيڪار ايئن لڳي ٿو ته هو قطري شهزادي جو بيان رڪارڊ ئي نه ٿي ڪرڻ چاهي.نواز شريف پنهنجي جواب ۾ چيو ته العزيزيه جي ملڪيت جي دعويٰ ڪڏهن نه ڪئي آهي، هميشه چيو آهي ته العزيزيه اسٽيل ملز جي ملڪيت سان ڪو واسطو ناهي،

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو