قومي سلامتي ڪميٽي جو پڌرنامو افسوس جوڳو ۽ تڪليف ڏيندڙ آهي جنهن کي رد ڪيان ٿو:نواز شريف

May 15, 2018 at 8:54 pm

اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي پڌرنامي کي رد ڪندي چيو آهي ته هاڻي خبر پوڻ گهرجي ته ملڪ کي هن ڪناري تي ڪنهن پهچايو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جو پڌرنامو افسوس جوڳو ۽ تڪليف ڏيندڙ آهي جنهن کي رد ڪيان ٿو. هن چيو ته هاڻي پتو پوڻ گهرجي ته ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو بنياد ڪنهن وڌو ۽ ذميوار ڪير آهن. سندس چوڻ هو ته اسان جو ڪيترو پيارو ملڪ هو، هاڻي ان کي ڏسي تڪليف ٿي رهي آهي، خبر پوڻ گهرجي ته ملڪ کي هن ڪناري تي ڪنهن پهچايو آهي. نواز شريف چيو ته مون کي ٻڌايو ته ڪو ملڪ اسان سان گڏ بيٺل آهي، دنيا ۾ اسان اڪيلا ٿي ويا آهيون، قومي ڪميشن جي ضرورت آهي، بين ملڪن سان اسان جون دوستيون ٿي رهيون هيون، خواجه آصف کان پڇو ته ٻين ملڪن مون بابت ڪهڙي راءِ ڏني آهي. هن چيو ته ڊان ليڪس وقت سڪيورٽي اجلاس ۾ به اها ئي ڳالهه ڪئي ۽ سڪيورٽي ڪميٽي ۾ ڪيل ڳالهين کي ڊان ليڪس جو نالو ڏنو ويو. سندس چوڻ هو ته قومي سلامتي ڪميٽي جو پڌرنامو خوفناڪ ۽ تڪليف ڏيندڙ آهي، معاملي جي جاچ لاءِ قومي ڪميشن جوڙڻ گهرجي ته جيئن اڇو چٺو پڌرو ٿي وڃي.

برکا جو فيس بوڪ صفحو