قومپرست، سنڌ سڄڻ ڌريون هڪ ٻئي جي خلاف بيهڻ بجاءِ سنڌ کي لٽيندڙن ڀوتارن سامهون مقابلو ڪن. امير ڀنڀرو

June 12, 2018 at 9:32 pm

ڪراچي (پ ر)  سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين امير ڀنڀرو چيو ته جيڪڏهن هن دفعي به سنڌ جي ڀينگ ڪندڙ ڪرپٽ مافيا کي ووٽ ڏنو ويو ته پوءِ سنڌ کي تباهي کان بچائڻ وارو ڪير نه هوندو، سنڌي ماڻهن کي تاريخ جي هن نازڪ موڙ مان فائدو وٺندي سنڌ جي قسمت جو فيصلو پاڻ لکڻ گهرجي. اسين سنڌ جي ساڃاهه وندن، اديب، دانشورن، وڪيلن سماجي طبقي جي هر فرد کي هن نازڪ موڙ تي پنهنجي ۽ پرائي جي سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ اپيل ڪيون ٿا ته پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. امير ڀنڀرو وڌيڪ چيو ته سنڌ جا ماڻهو 40 سالن کان مير، پير، وڏيري ۽ ڀوتارن کي ووٽ ڏيندا رهيا آهن،  پر افسوس اسان جن کي ووٽ ڏئي اسيمبلين ۾ پهچايون ٿا اهي ڀوتار اسيمبلين ۾ اسان جي بهتر مستقبل بجاءِ اسيمبلين ۾ ننڊون ڪن ٿا ۽ ڪرپشن ڪري پنهنجا بنگلا، گاڏيون ۽ بينڪ اڪائونٽ ڀرين ٿا.  امير ڀنڀرو وڌيڪ چيو ته اڄ وري هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي ماڻهن کي موقعو مليو آهي، 2018 واري اليڪشن ۾ سنڌ پرستن ۽ انسان دوستن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا. ڪرپشن جي بازار گرم ڪندڙ نام نهاد ڀوتارن کان هميشه لاءِ جان ڇڏائيندا.  هن وڌيڪ چيو ته  سنڌ جي حالت اڄ به 500 سال پراڻي ڪنهن کنڊر خطي جو ڏيک ڏئي رهي آهي.  جڏهن ته دنيا جون عظيم قومون ۽ دنيا جا ملڪ هن 2018 واري دور ۾ دنيا جون جديد آرائشون ۽ سهولتن جا مزا ماڻي رهيا آهن پر منهنجي سنڌ  جي روڊ ۽ رستن جي حالت اهڙي آهي جو مريض اسپتالن تائين نه ٿيون پهچي سگهن ۽ رستن تي ئي مري وڃن.  هن وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ دشمن ڀوتارن ۽ دهشتگردن جي رحم و ڪرم تي نه ٿا ڇڏي سگهون سنڌ جي عوام کي کپي ته  هاڻي گٽرن، نالين لاءِ ووٽ ڏيڻ بجاءِ خوشحال ۽ خودمخيار سنڌ لاءِ ووٽ ڏين. سنڌ جو عوام جيڪڏهن سنڌ جي ۽ پنهنجي ٻچن جي تقدير مٽائڻ چاهي ٿو ته هنن کي هر صورت ۾ نئي سنڌ جو بنياد رکڻو پوندو. امير ڀنڀرو وڌيڪ چيو ته دور مٽجي چڪو آهي، سڄي دنيا ۾ ووٽ ذريعي قومن جي تقديرن جي فيصلا ٿي رهيا آهن، سنڌين کي به پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻو پوندو.

برکا جو فيس بوڪ صفحو