لُٽيل ناڻو موٽائڻ لاءِ 26 ملڪن سان معاهدا ڪيا آهن: وزيراعظم
November 29, 2018 at 6:21 pmاسلام آباد(بيورو)وزيراعظم عمران خان حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪدگي قوم جي سامهون پيش ڪئي.ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته 100 ڏينهن جو ڪريڊٽ بشريٰ بي بي کي ڏيان ٿو، سئو ڏينهن ۾ پهرئين موڪل ڇنڇر تي ڪئي.هن چيو ته جڏهن ڪنهن تي ظلم ڏسان ٿو ته ڪاوڙ ايندي آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، انسان جي هٿ ۾ صرف ڪوشش آهي ۽ نيگ جيڪا الله ڄاڻي ٿو، ڪاميابي الله ڏيندو آهي.هن جو چوڻ هو ته 100 ڏينهن ۾ اهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو رستو اسان نماز ۾ گهرندا آهيون، يعني نبي ڪريم صه جو رستو گهرندا آهيون، هن جيڪو مديني جي رياست ۾ ڪيو.عمران خان چيو ته اسان جي نبي ڪريم صه مديني جون سمورين پاليسيون رحم تي جوڙيون، عام انسان کي مٿي آڻڻ لاءِ جيڪو ڪڏهن نه ٿيو دنيا جي تاريخ کڻي وٺو ڪنهن رياست ۾ نه ٿيو جيڪو مديني ۾ ٿيو.وزيراعظم چيو ته سموريون پاليسيون ڪمزور طبقي لاءِ ٺاهيون ويون، زڪوات پئسي وارن کان وٺي غريبن کي ڏني وئي، معذورن، يتيمن ۽ بيواهن جو خيال رکيو ويو، اسان جي نبي صه فيصلو ڪيو ته جيڪا رياست آهي ان جي ذميواري انساني معاشري ۾ هڪ ڪمزور طبقي تي هوندي آهي.