لڳي نه ٿو ته حڪومت ڊيم ٺاهڻ لاءِ سنجيده آهي: چيف جسٽس
January 15, 2019 at 9:51 pmاسلام آباد ( بيورو ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته لڳي نه ٿو ته حڪومت ڊيم ٺاهڻ لاءِ سنجيده آهي. سپريم ڪورٽ ۾ نئين گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ناڻي وارو وزير اسد عمر عدالت ۾ پيش ٿيو. اسد عمر چيو ته ايڪنڪ وٽ اڃا نئين گاج ڊيم جي اڏاوت جو معاملو نه آيو آهي، ڪالهه ئي ٻڌايو ته معاملو 25 جنوري تي ايڪنڪ جي اجلاس ۾ رکيو ويندو تڏهن جائزو ورتو ويندو. چيف جسٽس چيو ته نه ٿو سمجهان ته حڪومت ڊيم ٺاهڻ لاءِ سنجيده آهي، لڳي ٿو ته حڪومتي ادارن ۾ سهڪار ناهي، حڪومت جو مطلب حڪومت ۽ فيڊريشن جو مطلب فيڊريشن آهي جنهن تيزي سان پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ چاهيون ٿا تنهن تيزي سان حل نه ٿي رهيو آهي، ادارن وچ ۾ گڏيل رابطن جو فقدان آهي. چيف جسٽس اسد عمر سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ لاءِ توهان جي محبت ختم ٿي چڪي آهي، بيورو ڪريسي جي ڪم ڪرڻ جو جذبو ۽ نيت ناهي، باربار ڳالهه ورجائڻ سٺو نه ٿو لڳي، سماجي مسئلي کي حل ڪيو وڃي، حڪومت کي ڊڪٽيٽ نه ٿا ڪرڻ چاهين. عدالت نئين گج ڊيم جي اڏاوت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.