لڳي ٿو ته ميچ فڪس آهي ۽ نتيجو پهريان کان طئه ٿي چڪو آهي: فاروق ستار

July 9, 2018 at 9:16 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته عام چونڊن ۾ ميچ فڪس آهي ۽ نتيجو پهريان کان طئه ٿي چڪو آهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مهم ۾ تيزي اچي رهي آهي، چونڊن کان ڪجهه ڏينهن اڳ ماحول ڪجهه ٻيو نظر ايندو.هن چيو ته پاسڪتان ۾ اهل سياسي پارٽي ڪابه آهي ته ايم ڪيو ايم آهي، اسان جيان پيئن تي ڪوبه اليڪشن وڙهي ڏيکاري.هڪ سوال جي جواب ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ جو چوڻ هو ته لڳي ٿو ته ميچ فڪس آهي ۽ نتيجو پهريان کان طئه ٿي چڪو آهي.

برکا جو فيس بوڪ صفحو