ماهيگيرن جي مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي:سنڌ جو نگران وڏو وزير

July 11, 2018 at 8:16 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورتر) سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان سان فشريز ڪوآپريٽو سوسائٽي عبدالبر جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ  وفد اڄ اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ نائب چيئرمين بابا ڀٽ آئرلينڊ آصف ڀٽي، ڊائريڪٽر فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي عبدالغني ڀٽي ۽ حاجي ابراهيم شامل هئا. وفد فشري جي ماهيگيرن سان ٿيندڙ ناانصافين بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪندي نگران وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته هُو غريب ماهيگيرن جي روزيءَ جي حوالي سان پيش ايندڙ ڏکيائين کي هنگامي بنيادن تي ختم ڪرڻ لاءِ فوري عملي اپاءَ ورتا وڃن. نگران وڏي وزير مسئلن کي توجهه سان ٻڌندي سمنڊ ۽ مٺي پاڻيءَ ۾ آبي جيوت جي شڪار تي لڳايل پابندي هٽائڻ جو حڪم ڏنو. هن وفد کي يقين ڏياريو ته ماهيگيرن جي مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ماهيگيرن جي سمنڊ ۾ وڃن لاءِ پابندي کي ختم ڪرڻ سان سندن مالي حالتون بهتر ٿينديون. هن ڪراچي واٽر بورڊ کي پڻ هدايت ڪئي ته بابا ڀٽ ٻيٽ کي پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. انهيءَ ملاقات ۾ فش هاربر جي صفائي سٿرائي واري ڪمن کي تسلسل سان جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. نگران وڏي وزير چيو ته صفائي سٿرائي بابت ورتل اپاءَ نه رڳو ماحولياتي آلودگيءَ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو پر سامونڊي جيوت کي موجود خطرن کان پڻ محفوظ ڪري سگهجي ٿو.

برکا جو فيس بوڪ صفحو