مصباح کي پي ايس ايل ۾ ڪم نه ڪرڻ ڏيو: فرنچائزز جو مطالبو
October 28, 2019 at 6:09 pmڪراچي(اسپورٽس نيوز): مصباح الحق کي پي ايس ايل ۾ ڪم نه ڪرڻ ڏيو، ڪيترن ئي فرنچائزز بورڊ کان مطالبو ڪري ڇڏيو، هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن قومي هيڊڪوچ ۽ چيف سليڪٽر کي اجازت ڏني ته اهو مفادن سان ٽڪراءُ چيو ويندو.پي ايس ايل جي گهٽ ۾ گهٽ چار فرنچائز پي سي بي کان مطالبو ڪيو ته مصباح الحق کي ڪنهن ٽيم سان هجڻ نه ڏنو وڇي، قومي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر کي جيڪڏهن ليف ۾ خدمتون انجام ڏيڻ جي جاازت ملي ته اها مفادن سان ٽڪراءُ واري ڳالهه هوندي، گذريل ڏينهن ۾ جنهن ميٽنگ ۾ قومي ڪرڪيٽرز جي ڊرافٽ لاءِ ڪيٽيگريز طئه ٿيون اتي ئي اهو معاملو پڻ اٿاريو ويو.