معاشي ترقي لاءِ خطي ۾ امن جي ضرورت آهي: شاهه محمود قريشي
March 14, 2019 at 6:09 amاسلام آباد ( بيورو ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عوام روايتي سياسي پارٽين کي رد ڪيو ۽ پنج سالا حڪومتي مدو پورو ٿيڻ تي اوهان تبديلي ڏسندئو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي عالمي ليدرز ڪانفرنس کي خطاب دوران چيو ته 25 ملڪن جي 60 وفدن کي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چوان ٿو، مان يورپي يونين، يورپين پارليامنٽ جي سهڪار ڪرڻ تي ٿورائتو آهيان، 26 مارچ تي موگيريني پاڪستان اچي رهيو آهي ۽ يورپي يونين ۽ پاڪستان وچ ۾ اسٽريٽيجڪ ڀائيواري تي مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان عوام تحريڪ انصاف کي تبديلي لاءِ ووٽ ڏنو، عوام روايتي سياسي پارٽين کي رد ڪيو ۽ پنج سالا حڪومتي مدو پورو ٿيڻ ٽي اوهان تبديلي ڏسندئو، هن چيو ته ڀارت پلواما کان پوءِ سياسي مقصدن لاءِ جنگي ماحول پيدا ڪيو، دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سموريون پارٽيون اڳتي آيون ۽ وزيراعظم نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي. اسان جي حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ هڪ ترجيح اقتصادي بحالي آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستاني پنهنجي ملڪ ۾ رهن ۽ کين اقتصادي ترقي جا بهترين موقعا ملن ۽ هو پاڪستان هئڻ تي فخر ڪري سگهن. اسان ڪيترن ئي اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ اسان انهن کان باخبر آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته 6.6 سيڪڙو معاشي خسارو، قرض جو بار وڌڻ، پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ مستقل گهٽتائي ۽ بيروزگاري، 3/1 آبادي جي غربت جي لڪير کان به هيٺ واري زندگي گذارڻ هي اهي چئلينج آهن جن جو اسان گذريل ڇهن مهينن کان مقابلو ڪري رهيا آهيون، انهن سمورن منفي عملن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ۽ اقتصادي بحالي لاءِ پرڏيهي وزارت ۾ اسان جو پهريون فوڪس معاشي سفارتڪاري تي آهي، اسان کي پنهنجي معاشي ايجنڊا کي عملي جامو پارائڻ لاءِ خطي ۾ امن جي ضرورت آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان ڄاڻو ٿا ته افغانستان ۾ امن اسان جي خطي جي اڏاوت لاءِ اڻٽر آهي تنهنڪري اسان مستقل طور افغان امن عمل لاءِ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، اوڀرين سرحد تي، اسان جي حڪومت شروع کان امن ۽ ڳالهين ذريعي مسئلي جي ڳالهه ڪري رهي آهي. ڪرتارپور راهداري کولڻ جو فيصلو به ان سسلي جي هڪ ڪڙي آهي، چين سان گڏ سي پيڪ جي ٻئين مرحلي جو آغاز به ان ضمري ۾ اچي ٿو ته جيئن خاص اقتصادي زون قائم ڪيون . پرڏيهي وزير چيو ته گذريل دورن ۾ ميٽرو جهڙا وڏا منصوبا شروع ڪري قرض ۾ ٻڌل معيشت تي سبسڊي جو بار وڌو ويو، سعودي عرب سان 20 اربن جو معاهدو ڪرڻ به اسان جي اقتصادي بحالي ڏانهن قدم آهي، مهاتير محمد جلد پاڪستان اچي رهيو آهي اسان سندس تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته اسان بهتر ۽ نئون پاڪستان ٺاهڻ لاءِ پوري ايمانداري سان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ انشاءَ الله اسان ڪامياب ٿينداسين.