ملڪ دشمن عنصرن جون سازشون ناڪام بڻائينداسين: آرمي چيف

February 4, 2019 at 9:14 pm

راولپنڊي ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جون سازشون ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ پاڪستان خلاف سازشون ناڪام بڻائينداسين. پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي. جنهن ۾ جيواسٽراٽيجڪ صورتحال ۽ سيڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪانفرنس ۾ علائقائي امن خاص طور افغان مفاهمتي عمل تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو . ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ڪنٽرول لائن ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فوج طرفان  فائربندي جي ڀڃڪڙين جو جائزو به ورتو ويو ۽ والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين ۽ ڀارتي ظلم تي پڻ ڳالهايو ويو . ڪانفرنس ۾ پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين جو به جائزو ورتو ويو ڪانفرنس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته ملڪ دشمن عنصرن جون سازشون ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ پاڪستان خلاف سازشون ناڪام بڻائينداسين.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو