ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندڙ کي ئي آزمائشن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي:نواز شريف

February 15, 2019 at 7:36 pm

لاهور(بيورو) اڳوڻي وزير اعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندڙ کي ئي آزمائشن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، شهباز شريف ڪامياب ٿي ٻاهر اچي ويو ۽ مون کي به عدالت مان انصاف جي اميد آهي. علاج لاءِ جناح اسپتال منتقلي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف چيو ته مون کي اِهو اطمينان آهي ته عوام جي سامهون ڪامياب ٿيندس، فتح هميشه حق ۽ سچ جي ٿيندي آهي، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندڙن کي ئي آزمائشن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. شهباز شيرف جي ضمانت منظور ٿيڻ تي نواز سريف چيو ته شهباز سريف ڪامياب ٿي ٻاهر اچي  ويو ۽ مون کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو