ملڪ ۾ تڪرار وڌائي عدالتن لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪيون وينديون آهن: چيف جسٽس

January 31, 2019 at 8:04 pm

اسلام آباد ( بيورو ) چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته ملڪ ۾ تڪرار وڌائي عدالتن لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪيون وينديون آهن. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ  موت جي سزا جي قيدي جوابدار حضرت علي جي بريت خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ حضرت علي جي بريت بابت هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي کيس عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي جنهن تي پوليس کيس عدالت جي ڪمري مان گرفتار ڪري ورتو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ جي سطح تي به واقعي جي خبر نه پوندي آهي، سپريم ڪورٽ به پنهنجو وقت واقعو سمجهڻ ۾ لڳائي ڇڏيندي آهي، ٻاهران ماڻهو سچ بيان ڪندا آهن، قانون تي بحث ٿيندو آهي، اسان وٽ ڪنفيوزن کي وڌايو ويندو آهي، عدالتن لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪيون وينديون آهن.  چيف جسٽس چيو ته هڪ ئي واقعي تي هڪ ئي ڳوٺ جا چار معزز شاهد واقعي کي ڏينهن ڏهاڙي جو واقعو قرار ڏين ٿا، ساڳي ڳوٺ جا چار ٻيا معزز واقعي کي رات جي اونداهي جو واقعو قرار ڏين ٿا، جاچ ادارا تنهن ڪري هوندا آهن ته هو سچ بيان ڪن، ڪيس ۾ ڪنهن هڪ به شاهد سچ نه ڳالهايو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو