ملڪ ۾ طاقتور احتساب جو بنياد رکي عمران خان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو: فواد چوڌري
June 12, 2019 at 4:23 amاسلام آباد(بيورو)سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حمزا، نواز شريف ۽ زرداري جي گرفتاري ملڪ جي روشن مستقبل جي علامت آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ هڪ طاقتور احتساب جو بنياد رکي عمران خان ۽ پي ٽي آءِ عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي وارا دل تي پٿر رکي چون ته هي ڪيس ڪوڙا آهن ته ان جا دل به سندن ساٿ نه ڏيندا. فواد چوڌري الزام مڙهيو ته سنڌ جو پئسو مختلف اڪائونٽن ۾ وڌو ويو، ايف آءِ اي پنج هزار اڪائونٽ چيڪ ڪيا جنهن مان خبر پئي ته اڪائونٽ زرداري ۽ بلاول هائوس سان لنڪ ۾ هئا، اهو ناڻو دبئي، لنڊن ۽ فرانس وڃي رهيو هو، اهو پئسو سنڌ جي غريب ماڻهن جو هو.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حمزا، شهباز ۽ نواز شريف جو پئسو ڪاڏي وڃي رهيو، اهو به لنڊن ۽ مختلف ملڪن ڏانهن وڃي رهيو هو، هي پاڪستاني عوام جي کيسي مان پئسا ڪڍي پنهنجا کيسا ڀري رهيا هئا، جيڪي پئسا غربت ختم ڪرڻ لاءِ ڪم آڻڻا هئا، جتي اسڪول ۽ اسپتال ٺهڻا هئا، عوام جي خدمت ٿيڻي هئي، اها نه ٿي سگهي ۽ پئسو ٻاهران نڪتو. فواد چوڌري چيو ته ٻنهي ڪٽنبن جي حامين کان پڇان ٿو ته ڪهڙي اخلاقي جرئت سان سندن ساٿ ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ڪهڙي اخلاقي جواز تحت ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اهو پهريون ڀيرو آهي جو سياسي انتقام ناهي، گذريل حڪومت ۾ ٻنهي پارٽين هڪٻئي کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ ڪيس ٺاهيا، مشرف جڏهن نواز شريف کي گرفتار ڪيو هو تڏهن احستاب نه ٿيو ڊيل ٿي.