ملڪ ۾ فوج ڪڏهن به مارشل لا نٿي لڳائي سگهي ته پوءِ ارڙهين ترميم کي ڪٿان خطرو ٿي ويو: بابر اعواڻ
February 4, 2019 at 9:11 pmاسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي وزير بابر اعواڻ چيو ته ملڪ ۾ فوج ڪڏهن به مارشل لا نٿي لڳائي سگهي ته پوءِ 18هين ترميم کي ڇا جو خطرو ٿي ويو؟ عمران خان جي حڪومت وٽ گهٽ اڪثريت آهي اها ڪيئن ترميم ڪري سگهي ٿي.اڳوڻي وفاقي وزير بابر اعواڻ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 18هين آئيني ترميم کي ڪنهن مان ڪو خطرو نه آهي، 18هين آئيني ترميم کي پارليامينٽ مان ڪوبه خطرو نه آهي، حڪومتي سطح تي 18هين آئيني ترميم تي ڪابه مشاورت ناهي ٿي. بابر اعواڻ چيو ته سينيٽ ۾ به اپوزيشن کي اڪثريت حاصل آهي، ان مان به ڪو خطرو نه آهي، سپريم ڪورٽ 18هين ۽ 19هين آئيني ترميم ڪيس ۾ واضح ڪري چڪي آهي ته عدالت ترميم نه پر تشريح ڪري سگهي.بابر اعواڻ چيو ته ملڪ ۾ فوج ڪڏهن به مارشل لا نٿي لڳائي سگهي، 18هين ترميم انهن ڪهڙي شئي جو نالو رکيو آهي، خطرو جن کي آهي اهي ئي ٻڌائيندا. هن چيو ته هڪ احترام لائق بزنس ٽائيڪون آن رڪارڊ چيو آهي ته پاڪستان ۾ رشوت کان سواءِ ڪم نٿو ٿي سگهي، ٻيا اسان جا اڳوڻا دوست آهن انهن به چيو آهي ته ڪوبه ڪاروباري دوست جعلي بئنڪ اڪائونٽس کان سواءِ ڪاروبار نٿو ڪري سگهي.