منهنجا حوصلا بلند آهن، جلد عوام جي وچ ۾ هوندس: نواز شريف
January 18, 2019 at 7:05 amاسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان جا حوصلا بلند آهن، جلد عوام جي وچ ۾ هوندس. ڪوٽ لکپت جيل ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته ملڪي معاشي بدحالي ڏسي دل کي ڏک ٿيندو آهي، آبادگار روڊن تي آهن ۽ ڀاڻ مهانگو آهي. هن چيو ته انصاف جون ڳالهيون حڪومت کي نه ٿيون ٺهن، ترقي جي دعويٰ ڪندڙن آبادگارن کي معاشي طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي، عوام غربت جي چڪي ۾ پيڙهجي رهيو آهي ۽ اپوزيشن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته منهنجا حوصلا بلند آهن ۽ جلد عوام جي وچ ۾ هوندس، حالتون هميشه هڪ جهڙيون نه رهنديون ۽ وقت به گذري ويندو.