منهنجي غير موجودگي ۾ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر عوام جي حق ۾ آواز اٿاريو وڃي:نواز شريف
January 31, 2019 at 8:08 pmلاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي تاحيات قائد نواز شريف چيو آهي ته ڊاڪٽرن ٻڌايو ته توهان جي دل ٻڌي وئي آهي، مان ته هونئن به وڏي دل وارو آهيان. ڪوٽ لکپت جيل ۾ پارٽي اڳواڻن سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان ۾ اڳوڻن وزيراعظمن سان اڍنگو ورتاءُ ٿيندو رهندو آهي پر اڳوڻي صدر سان اهڙو ورتاءُ پهريون ڀيرو ٿيو آهي. هن چيو ته اڳوڻي صدر کي وک وک تي روڪي جهڙتي ورتي وئي، ممنون حسين بزرگ آهي، کيس گاڏي مان لاهي جهڙتي وئي، کيس گاڏي مان لاهي جيل تائين پيادل موڪليو ويو، ڪنهن به ملڪ ۾ اڳوڻي صدر سان اهڙو ورتاءُ نه ٿيندو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جيل ۾ به قيد آهيان، اسپتال ۾ به قيدي جهڙي صورتحال هوندي آهي، حوصلا بلند آهن، جلد عوام وچ ۾ هوندس. هن چيو ته منهنجي غير موجودگي ۾ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر عوام جي حق ۾ آواز اٿاريو وڃي.