مني لانڊرنگ قومي معيشت جي لاءِ ناسور قرار
February 26, 2019 at 7:29 pmوزيراعظم عمران خان مني لانڊرنگ کي قومي معيشت جي لاءِ ناسور قرار ڏيندي فنانشل مانيٽرنگ يونٽ (ايف ايم يو) کي وڌيڪ فعال ۽ مستحڪم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مني لانڊرنگ ۾ملوث عنصر ڪنهن رعايت جا مستحق نه آهن اهڙن عنصرن کي بي نقاب ڪري انهن جي اصليت عوام جي سامهون آندي وڃي. هن اها ڳالهه مني لانڊرنگ جي موثر روڪٿام جي حوالي سان ڪرڻ وارن قدمن ۽ ان جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين جي باري ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر، خصوصي صلاحڪار شهزاد اڪبر، خصوصي صلاحڪار افتخار دراني، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر طارق باجوا، گهرو سيڪريٽري، ايف بي آر جي چيئرمين، ايس اي سي پي جي چيئرمين، ايف آءِ اي جي ڊي آءِ جي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي دوران اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر پاران مني لانڊرنگ کي روڪڻ جي حوالي سان سڄي ملڪ جي ڪمرشل بئنڪن ۽ اسٽيٽ بئنڪ پاران کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جعلي اڪائونٽس جي ڏس ۾ هينئر تائين 6 مختلف بئنڪن تي 247 ملين روپيا ڏنڊ هنيو ويو آهي جڏهن ته 109 ماڻهن جي خلاف جاچ جاري آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ موجود افغان پناهگيرن جا بئنڪ اڪائونٽس کولڻ ۾ آيل رڪاوٽن کي به ختم ڪيو پيو وڃي، نادرا پاران جاري ڪيل پروف آف رجسٽريشن (پي او آر) ڪارڊ جي بنياد تي بئنڪ اڪائونٽ کولڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪم جاري آهي، اجلاس ۾ ڪمرشل بئنڪن پاران شڪي ٽرانزيڪشنز رپورٽ جي جاري ۽ فنانشل مانيٽرنگ يونٽ پاران ان رپورٽس جي جائزي ۽ ان تي جانچ جي حوالي سان به ڪارائتي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته شڪي ٽرانزيڪشن رپورٽ جي جائزي جي حوالي سان ايف ايم يو جي صلاحيتن ۾ خاطر خواه اضافو ڪيو ويو آهي ته جيئن شڪي ٽرانزيڪشن جي باري ۾ لاڳاپيل ادارن کي بروقت آگاهه ڪيو وڃي.
، وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته 2018ع ۾ 8 هزار 707 شڪي ٽرانزيڪشن رپورٽس جاري ڪيون ويون، جڏهن ته 2017ع ۾ اهو تعداد 5548 هو. گذريل ٻن مهينن ۾ (جنوري ۽ فيبروري) 1136، ايس ٽي آر جاري ڪيا ويا، ٻاهرين ملڪن مان فنانشل انٽيلي جنس شيئرنگ جي سلسلي ۾ برطانيه، قطر، متحده عرب امارات ۽ آسٽريليا سان ايم او يوز تي صحيحون ڪيون پيون وڃن ته جيئن معلومات جي مٽاسٽا کي فروغ ڏنو وڃي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي اندر ايف ايم يو جا مختلف ادارا جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ ڪوآرڊنيشن کي بهتر بڻايو پيو وڃي ته جيئن شڪي ٽرانزيڪشن تي وقت سر ڪارروائي ڪري مني لانڊرنگ کي روڪيو وڃي، اسٽيٽ بئنڪ جي عملدارن پاران مني لانڊرنگ ۽ اسمگلنگ جي ڏس ۾ قبضي ۾ ڪرڻ واري ڪرنسي ۽ ٻين شين جي ماليت جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي، ڪسٽم عملدارن پاران جولاءِ 2018ع کان جنوري 2019ع تائين ڪل 439 ملين روپين ماليت جي ڪرنسي قبضي ۾ ورتي وئي، جڏهن ته گذريل سال انهي عرصي ۾ اها رقم 131 ملين هئي، ان مد ۾ 235 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ڪسٽم عملدارن وزيراعظم کي ٻڌايو ته جولاءِ 2018ع کان جنوري 2019ع ۾ ٽوٽل قبضو ٿيل شين سان گڏوگڏ ڪرنسي جي ماليت 20.376 ارب روپيا آهي. جڏهن ته گذريل سال انهي عرصي ۾ قبضي ۾ ورتل شين جي ماليت 12.304 ارب روپيا هئي. ان مد ۾ 66 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي،