مهانگائي جو طوفان آيو آهي، غريب ماڻهو کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪري: نواز شريف

December 21, 2018 at 5:23 am

اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته مهانگائي جو طوفان آيو آهي، غريب ماڻهو کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪري، 10 هزار رپين مان ملندڙ راشن هاڻي 16 هزار رپين ۾ ملي رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ شهباز شريف سان ملاقات کانپوءِ نواز شريف چيو ته موجوده حڪومت مهانگائي ڪري ڇڏي آهي، اسان جي دور ۾ پاڪستان معيشت،  دفاع سميت هر شعبي ۾ ترقي ڪئي، اسان جي دور ۾ مهانگائي جي چيلهه چٻي ڪئي وئي، ن ليگ ملڪ جو دفاع مضبوط ڪيو. هن چيو ته اسان جي دور ۾ ٿيل ترقي کي پرڏيهه به مڃين ٿا، موٽروي ٺاهيا، ملڪ ۾ سي پيڪ آندو، ملڪ مان بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي ختم ڪئي، ن ليگ جي جڏهن حڪومت آئي ترقي کي اڳتي وڌايو آهي، اهڙن فيصلن سان پاڪستان کي فائدو ٿيندو، اهڙن فيصلن سان سياست تي ڏورس اثر پوندا، گڏجاڻي ۾ تنظيم سازي بابت اهم فيصلا ڪيا ويا.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو