مهراڻ جون ٻئي ڪنڌيون ثقافتي رنگن سان رڱجي ويون،مورڙي جي ماڳ ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو، هر هنڌ عيد جهڙو جشن، سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعائون

December 1, 2019 at 5:54 pm

ڪراچي/حيدرآباد/لاڙڪاڻو/ ڏوڪري (نمائندن وٽان)مهراڻ جون ٻئي ڪنڌيون ثقافتي رنگن سان رڱجي ويون، هر هنڌ عيد جهڙو جشن، سنڌ جي خوشحالي لاءِ  دعائون،ايڪتا جي عظيم عيد، مورڙي جي ماڳ ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو، هر طرف ايڪتا جي گونجار.ايڪتا جي عظيم عيد، ڪروڙين سنڌين ڌرتي ماءُ جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو وچن ڪري ورتو،ايڪتا جي حوالي سان سڄي سنڌ ثقافتي رنگن ۾ رنگجي وئي، ڪراچي پريس ڪلب آڏو مک تقريب ۾ شهر جي مختلف علائقن مان نڪتل ريليون ۽ قافلا پهتا، سنڌ جي گادي واري شهر ۾ اجرڪ ٽوپي وارا جهومندا رهيا، لياري، ملير، سچل ڳوٺ، ڪلفٽن، سي ويو، جوهر ۽ ٻين علائقن مان ريلي /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 25
ون ڪڍيون ويون.ايڪتا عيد جي ڏينهن سج اڀرڻ سان سڄي سنڌ ۾ ٽوپيون ۽ اجرڪون پهريل نوجوانن جا ميڙاڪا، عورتن،مردن سان گڏ ننڍڙا ٻارڙا به ثقافتي لباس پائي پهتا، هر طرف قومي گيتن جي گونج.لاڙڪاڻو، نئون ديرو، رتوديرو، ڏوڪري،حڪيم سنديلو، موهن جو دڙو، ڄامشورو، ٺٽو، سجاول ۾ تقريبون منعقد، سنڌ امڙ کي هزارين عاشقن پاران ڀيٽا پيش.گهوٽڪي، اوٻاوڙو، خانپور مهر، ميرپورماٿيلو، ڏهرڪي ۾ نوجونن جون گيتن تي جمهريون، جيجل کي ڀيٽا، نوابشاهه، سڪرنڊ، قاضي احمد ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعائون،بدين، ٽنڊوباگو، تلهار، ماتلي، ۾ ريليون، نوجوانن جو رقص، مٽياري، هالا، سعيد آباد ۾ ڌرتي سان نيهن نڀائڻ جو وچن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو