مون خلاف ڪارروائي ڪوڙ تي ٻڌل آهي، عدالت مان انصاف جي اميد رکان ٿو: نواز شريف

December 19, 2018 at 8:36 pm

 اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف پنهنجي خلاف ٻن ريفرنسن جو فيصلو محفوظ ٿيڻ تي عدالتي ڪمري جي روسٽرم تي اچي چيو آهي ته هر ميدان ۾ دنيا اسان جي ڪارڪردگي ڏسي چڪي ۽ منهنجي خدمتن جي اها مڃتا آهي؟اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج ارشد ملڪ جڏهن العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنسز جا فيلا محفوظ ڪيا ته اڳوڻو وزيراعظم روسٽرم ۾ اچي ويو. نواز شريف جج کان پڇيو ته ڇا هي منهنجي آخري پيشي آهي؟ اڳوڻي وزيراعظم جج ار شد ملڪ سان مخاطب ٿيو ته توهان جج آهيو، اميد آهي ته انصاف ملندو، مون تي هڪ پائي به ڪرپشن ثابت ناهي ٿي.ميان نواز شريفچيو ته منهنجي اڄ هن ڪيس ۾ 78هين پيشي آهي، ان کان اڳ واري ڪيس ۾ 87 پيشيون ٿيون، اسان ڀوڳي چڪا آهيون، پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن جو ٿورو مڃڻ چاهيان ٿو، ڪارڪنن ڪيس جي هر پيشي تي يڪجهتي جو اظهار ڪيو، دعائن تي دل جي گهراين سان قوم جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، قوم جون دعائون هر قدم تي مون سان گڏ آهن. هن چيو ته مان 2 ڀيرا پنجاب جو وڏو وزير ۽ 3 ڀيرا وزيراعظم رهيس، 35 سال عوام جي خدمت ڪئي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جي خدمت ڪئي، جنهن تي خوشي آهي.اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته منهنجي خلاف ڪارروائي ڪوڙ تي ٻڌل آهي پر فيصلو عدالت تي ڇڏي ڏنو آهي، اميد آهي انصاف ٿيندو. هن چيو ته مان ٻه ڀيرا پنجاب جو وڏو وزير ۽ 3 ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهيس پر ڪڏهن به اختيارين جو ناجائز استعمال ناهي ڪيو، ايمانداري سان پنهنجو ڪم ڪيو ۽ فرض نڀايو.نواز شريف چيو ته مون تي هڪ پائي جي به ڪرپشن ثابت ناهي ٿي ۽ ڪرپشن منهنجي ويجهو کان به ناهي گذري، ڪڏهن به ڪا ڪڪ بيڪ ۽ ڪميشن ناهي ورتي، جڏهن ته اڄوڪو فيصلو عدالت تي ڇڏي ڏنو آهي، اميد آهي ته مون سان انصاف ٿيندو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو