ميدان لاڏلي لاءِ سجائڻ جو تاثر ختم ڪيو وڃي: مولابخش چانڊيو

July 9, 2018 at 9:10 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري انفارميشن سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو اهي ته اهڙو تاثر نه ڏنو وڃي جو چونڊن جو ميدان هڪ لاڏلي لاءِ سجايو پيو وڃي ۽ نه ئي اهڙا قدم کنيا وڃن جنهن سان چونڊون مشڪوڪ ٿي وڃن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته احتساب کان اڳ نه ڊڄياسين نه هاڻي ڊڄون ٿا پر جيڪڏهن احتساب کي انتقام جي شڪل ڏني ويئي ته حالتون خراب ڪرڻ جي سازش ٿيندي هن چيو ته زرداري يا پيپلزپارٽي جا ٻيا اڳواڻ ڪڏهن به ملڪ مان نه ڀڳا آهن زرداري احتساب جي نالي تي انتقام جو ڊگهو قيد ڀوڳيو آهي هن چيو ته اعلانيل (ق) ليگ ملڪ کي فائدو نه ڏنو ته ڳجهي (ق) ليگ به نه ڏيئي سگهندي. ڳجهي (ق) ليگ ٺاهي ان کي طاقتور بنائڻ ملڪ کي ڏڦيڙ کي دعوت ڏيڻ آهي مولابخش چانڊيو چيو ته احتساب ٿئي ته انصاف سان ٿئي آصف علي زرداري عدالتن کي منهن ڏيئي آزاد ٿيو آهي.

برکا جو فيس بوڪ صفحو