ميرواھ گورچاڻي ۾ نجي اسڪول جي ۾ استاد خلاف هراسان ڪرڻ جي شڪايت ڪندڙ ماسترياڻي کي نوڪري مان ڪڍيو ويو، الزام هيٺ آيل استاد رڳو معطل

October 29, 2019 at 11:21 pm

ميرواھ گورچاڻي (رپورٽر) ميرواھ گورچاڻي ۾ نجي اسڪول جي ۾ استاد خلاف هراسان ڪرڻ جي شڪايت ڪندڙ ماسترياڻي کي نوڪري مان ڪڍيو ويو، الزام هيٺ آيل استاد رڳو معطل. پرائيويٽ اسڪول جي ٽيچر نسيما شاھين صحافين اڳيان دانھندي چيو ته آئون نجي اسڪول ۾ پڙھائيندي آھيان، جتي ھڪ ماستر عبدالواحد مڱريو ڪجھه وقت کان شاگردياڻين کي هراسان ڪندو ھو، سندس شڪايت اسڪول انتظاميا کي ڏيندي رھندي ھيس، پر هن پھرين آڪٽوبر تي اٺين ڪلاس ۾ پڙهندڙ منهنجي نياڻي سان غير اخلاقي حرڪتون ڪيون. اھا شڪايت مون اسڪول جي سي او مظفر احمد ڀٽو کي ڪئي. جنھن ماستر عبدالواحد مڱريو کي معطل ڪيو پر مونکي نوڪري مان ئي ڪڍي ڇڏيو آهي. منھنجون ٽي نياڻيون انھي اسڪول ۾ داخل آھن، جيڪي ذھني اذيتن کي منهن ڏئي رهيون آهن. ماسترياڻي الزام هنيو ته اسڪول انتظاميا ھڪ من گھڙت ڪميٽي ٺاھي آھي، جيڪا شايد ان ماستر عبدلواحد کي بحال ڪري ڇڏيندي. وس وارا مون سان انصاف ڪن. الزام ھيٺ آيل استاد عبدالوحيد مڱريو جو چوڻ آهي ته ٽيچر نسيما شاھين جيڪي مون تي الزام ھڻي رھي آھي، اھي سڀ ڪوڙا ۽ هٿ ٺوڪيا آھن. اسان جي سي او ھڪ ڪميٽي ٺاھي آھي، جيڪا غير جانبدار ٿي جاچ ڪري رهي آهي، سڀ ڪجھه سامهون اچي ويندو ته ڪير سچو ۽ ڪير ڪوڙو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو