ميڊيا بحران ۾ حڪومت ملازمن ۽ ادارن سان گڏ بيٺل آهي:سڌُ سماءَ وارو وفاقي وزير
January 18, 2019 at 8:10 pmاسلام آباد(بيورو) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ميڊيا بحران ۾ حڪومت ملازمن ۽ ادارن سان گڏ بيٺي آهي. اسلام آباد ۾ سي پي اين اي جي تقريب کي خطاب ڪندي سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ميڊيا ۾ اوچتو بحران ڇو آيو ان جي نشاندهي ڪئي وڃي ته بحران ۾ حڪومت جو ڪيترو ڪردار هو جيئن مستقبل ان کي حل ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته اسان کي ٻاهر ويندڙ پيسي کي روڪڻو آهي، پاڪستاني هئڻ جي ناطي ڊالر ٻاهر ناهي وڃڻ ڏيڻو اسان جي مفاد آهي ته ان ڪري ميڊيا کي پرواڪانومي هئڻ گهرجي، ميڊيا کي پنهنجو انٽرسٽ معيشت سان جوڙي رکڻ گهرجي ڇو ته ميڊيا تڏهن ئي مضبوط ٿيندي جڏهن معيشت مضبوط ٿيندي. فواد چوڌير چيو ته سي پيڪ پاڪستاني معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ سي پيڪ کي سپورٽ نه ڪرڻ جو مطلب پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙي هڻڻ آهي، سعودي عرب خطي ۾ سڀ کان وڏي سيڙپڪاري ڪري ٽئين وڏي آئل ريفائنري لڳائڻ پيو وڃي، ميڊيا کي ان مثبت معاشي بندوبست کي اجاڳر ڪرڻ گهرجي.