نارين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، اسان ڳالهيون نه ڪم ڪري ڏيکاريندا آهيون: اويس شاهه

March 24, 2019 at 8:34 pm

ڏهرڪي( رپورٽر ) ڳوٺ حافظ سليمان مان پنج ڏينهن اڳ مبينا اغوا  ٿيل ٻن ھندو نارين  رينا ۽ روينا جي والد هري لال سندس ڀاءُ شمن لال ۽ امڙ توڙي مينگواڙ برادري جي ٿاڻي اڳيان احتجاج ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ويڊيوز سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي لوڏي.  وزير اعظم عمران خان واقعي جو سخت نوٽس ورتو جڏهن ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ نارين جي اغوا توڙي کين مسلمان ڪري سندن نڪاح ڪرڻ وري مامري جو نوٽيس ورتوآهي. وڏي وزير جي هدايتن تي سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير سيد اويس شاهه کي وارثن سان ملاقات لاءِ حافظ سليمان پهتو. ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي اويس شاهه چيو ته اغوا ٿيل ناريون رينا ۽ روينا توڙي جوابدار برڪت ملڪ ۽ سفدر ڪوڀر سنڌ جي بارڊر ٽپي پنجاب ڏانهن نڪري ويا آهن، جوابدارن کي  گرفتار ڪري قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اعلانن مان ڪجهه نه ورندي مسئلا هر جاءِ هوندا آهن جيڪي گڏجي ڪري حل  ڪيا ويندا آهن.  اسان فواد چوڌري ۽ شيخ رشيد وانگر ڳالهيون ڪري ڪنهن کي خوش نه ڪندا آهيون پر ايڪشن کڻندا آهيون. هن چيو ته  هندو ڪميونٽي وارا اسانجا ڀائر آهن سندن خدشا ختم ڪيا ويندا.  24 ڪلاڪن ۾ ناريون بازياب ڪرائينداسين،  هن چيو ته سنڌ حڪومت نارين جي اغوا واري ڪيس کي اوليت جي بنياد تي ورتو آهي. ۽ سندس هدايتن تي آءٌ اڄ ھتي پھتو آهيان.  ھن چيو ته پيپلز پارٽي  سدائين اقليتن جي حقن ۽  تحفظ جي ڳالهه ڪئي آهي، تمام جلد نارين  بازياب ڪرايو ويندو. گھوٽڪي  پوليس سان مسلسل رابطي ۾ آهيون جن ڪجهه گرفتاريون به عمل ۾ آنديو آهن.  ٻئي پاسي نارين جي وارثن شمن لال مکي شيو لال ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت اسان کي اڄ شام تائين جو وقت ڏنو آهي ته هو پهريان اسان کي نارين سان ملاقات ڪرائيندا ۽ بعد ۾ کين ڪورٽ ۾ پيش ڪيون ويندو. ۽ جوابداران خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.  روينا ۽ رينا نابالغ آهن جن کي زبردستي اغوا ڪيو ويو آهي، سوشل ميڊيا ذريعي خبر پئي ته نينگريون مسلمان ٿيون آهن هن چيو ته هن سڄي معاملي ۾ علائقي جون بااثر شخضيت ملوث آهن، هنن چيو ته روينا ۽ رينا سخت ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن. چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن صبح تائين روينا ۽ رينا بازياب نه ٿيون ته ڏهرڪي سميت سنڌ جا روڊ رستا بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو