نسله ٽاور معامري تي قانون نه، انساني همدردي جي ضرورت آهي:سنڌ سرڪار

November 30, 2021 at 10:22 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته نسله ٽاور جي معاملي ۾ قانون نه پر انساني همدردي جي ضرورت آهي، اڏاوتن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڀڃڪڙيون ٿينديونن آهن، ان ڪري سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته سرڪاري زمين تي ٺهيل گهرن کي ريگيولر ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته پنجاب حڪومت 6 هزار کان وڌيڪ غير قانوني سوسائٽين کي ريگيولر ڪرڻ لاءِ آرڊيننس آڻي رهي آهي، ان ڪري سنڌ حڪومت به چاهي ٿي ته سرڪاري زمين تي ٺهيل گهرن کي ريگيولر ڪرڻ اجازت هجڻ گهرجي ڇو ته عمران خان جي بني گالا واري گهر کي به ريگولر ڪيو ويو آهي هن چيو ته ڪٿي ڪٿي اڏاوتن ۾ ڀڃڪڙيون ٿي وڃڻ ٿيون پر جتي متاثرين جو انگ لکن ۾ هجي انهن جي گهرن کي بچائڻ گهرجي ۽ نسله ٽاور ۾ انساني همدردي جي ضرورت آهي سعيد غني چيو ته ڪراچي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي جو شڪار آهي پر هاڻي امن امان جي صورتحال بهتر آهي، 2002ع کان 2018ع تائين ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي مضبوط ٿي آهي، ڪراچي جا ماڻهو پ پ مان مطمئن آهن

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو