نسل پرستي، نسلي سياست ۽ نوجوان!: رام اوڏ

November 24, 2019 at 6:06 pm

ڪو وقت هو جو حيدر چوڪ تي يونيورسٽين جا ڇوڪرا ڳاڙها ڪتاب ايئن خريد ڪندا هئا، جيئن اڄ ريشم گلي ۾ ڇوڪريون سُرخ لِپ اسٽڪ خريد ڪري واپس ورنديون آهن. انهي دور ۾ هاسٽل جي ڪمرن ۾ مائو ۽ مارڪس جون تصويرون هونديون هيون ۽ شاگرد هاسٽل جي ڇتين تي روس جي انقلاب، جدلياتي ماديت، قومي سوال، چارلس ڊارون جي حياتياتي ارتقا جي نظريي وغيره جهڙن موضوعن تي بحث ڪندا هئا. اڄ ٻيو ته ٺهيو، گهڻن شاگردن کي ابراهيم جويو، سبط حسن، علي عباس جلال پوري، حمزه علوي، ڊاڪٽر مبارڪ علي وغيره جهڙن مفڪرن جي به خبر ناهي ته انهن ليکڪن جا ڪتاب سائنسي نقطهءِ نظر کان تاريخ، سياست ۽ فلسفي جي ڪيڏي زبردست تشريح ڪن ٿا. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ترقي پسند ۽ سيڪيولر سياسي تحريڪن جي کوٽ سبب نسلي سياست جي رجحان ۾ اضافو ٿيو آهي. اڄ جتي ڪيمپس جي حدن اندر پوليس ۽ رينجرز اهلڪار مقرر ڪري سياست ممنوع قرار ڏني وئي آهي ته  اتي يونيورسٽي جي شاگردن  ۾ وري ذات پرستي جي بنياد تي سياست ڪرڻ جو رجحان وڌيو آهي ۽ سوشل ميڊيا انهن جي سرگرمين ۽ نمائش جو آخري مورچو آهي.

حقيقت اها آهي ته قبيلائي ۽ گروهي سياست  انسان دوست نه ٿيندي آهي. نسل پرستن انسانيت جهڙي نظريي کي پُٺي ڏني آهي، انهن طبقاتي نظام کي پروموٽ ڪيو آهي، ته جاگيرداري ۽ سرداري رجحانن کي به پنهنجو ڪيو آهي. اهي تنظيمون قومي حقن لاءِ اٿندڙ جدوجهدن تي پڻ اثر انداز ٿيون آهن ۽ هڪ پاسي بيھي تماشبين جو ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن. هن نسبت سان ڪجھ سوال اُڀرن ٿا؛ ذات برادرين ۽ قبيلن جي تنظيمن ڪڏهن نجڪاري خلاف ڪا سجاڳي جي مهم هلائي آهي؟ هارين جي حق تلفي تي ڪا ڪانفرنس ڪئي آهي؟ اليڪشن ۾ مفاهمت ۽ لالچ ڇڏي، لوڪل سطح تي ڪنهن ڀوتار سان بيهي مقابلو ڪيو آهي؟ اهڙن ۽ ٻين ڪافي سوالن جا جواب نفي ۾ آهن، ته پوءِ اهڙي سياست کي ئي ناڪارا ۽ منفي سياست نه سڏجي؟! نسل پرست يا ذات برادري جي بنياد تي نان سوشلسٽ، غير جمهوري، قوم دشمن ۽ انسان دشمن ‘سياست’ هوندي آهي. اهڙي ‘سياست’ ۾ هڪ نسلي گروھ کي محور بڻائي باقي ٻين برادرين جي مسئلن ۽ دردن کان نه صرف منهن موڙيو وڃي ٿو، پر انهن سان تعصب وارو رويو به رکيو وڃي ٿو. هنن وٽ هڪ قوم جي ڊيفينيشن به پنهنجي آهي يعني هنن هر هڪ ذات کي قوم سڏڻ شروع ڪيو آهي، ايئن سنڌ ۾ هر هڪ ذات برادري پنهنجي پنهنجي “قوميت” متعارف پئي ڪئي آهي!  ڪامريڊ جوزف اسٽالن ڌرتي، ٻولي، تاريخ، تهذيب، ثقافت، سياسي ۽ پيداواري مفاد ۽ گڏجي رهڻ جي جذبي کي گڏي قوم سڏي ٿو. مطلب ته نسل پرستن جي ذهنن ۾ جهالت جي بدترين شڪل موجود آهي، جو هنن کي خبر نٿي پوي ته  هڪ قوم ۽ ذات ۾ فرق ڇا آهي؟

جنرل ضياءَ جتي ڌاڙيل ڪلچر، شهري لساني دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ ٻيا کوڙ ڪم ڪري ويو، اتي نسل پرستي جو زهر به سنڌ جي رڳن ۾ اوتي ويو، تنهنڪري ذات برادرين جي بنياد تي نسلي سياست ڪرڻ ضياءَ جي مشن کي جاري رکڻ جو عمل آهي. نسلي گروهي سياست قومي طبقاتي موقف جي نفي ڪري ٿي. نسل پرستي ۽ فرقيواريت جا اُفقي عمودي ڇيڙا ڳنڍيل آهن. نسل پرستي جي ‘سياست’ جي بنياد تي مختلف ذاتين ۾ ويتر ويڇا ۽ تضاد پيدا ڪرڻ نسلي فاشزم آهي. اهو نسل پرستي جو زهر ذهنن ۾ ايترو ته اوتجي ويو آهي جو تقريبن هر برادري جون “تنظيمون” آهن. سنڌ ۾ ذات برادري تائين محدود ذهنيت قبائلي تڪرارن ۽ خوني جهيڙن کي جنميو آهي. اڳي پٽيل، چڱا مڙس ۽ ذاتين جا سردار راڄ وڙهائيندا ۽ مُڇون وٽيندا هئا، هاڻ به اِهي آهن، پر ٻه حصا وڌي اِهو قبيلائي ڪم يونيورسٽي جي ڪجھ شاگردن هٿ ۾ کنيو آهي. يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڪو اهڙي زهريلي “سياست” ڪري، “ورهايو ۽ غلام بڻايو” جي پاليسي تي ڪو عمل پيرا ٿئي ته ان جي علم ۽ شعور جي سرحد کي سمجهڻ سولو آهي.

جيڪي نوجوان نسل پرستي جي بنياد تي سياست ڪن ٿا، تن سان اختلاف اهو آهي ته اهي عوام کي گروي ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪن ٿا ۽ انهن جي نقشِ قدم تي هلن ٿا، جيڪي انهن جاتين سان جُٺ ڪري مختلف اقتدار پرست پارٽين ۾ ڀڄي ويا ۽ هنن ماڻهن سان فراڊ ڪري وڏي ملڪيت جا مالڪ ٿي ويا ۽ غريب عوام جي سورن جو احتساب نه ٿيو….. نوجوان نسل پرست ليڊرن جا به افعال ساڳيا آهن، هنن جي اصليت ۽ ٻهروپيت ظاهر ٿي چڪي آهي. اقليت ۽ نسلي گروهه بندي يعني نسل ۽ ذات جي بنياد تي بليڪ مارڪيٽنگ جاري آهي. غريب پورهيت جي مظلوميت وڪڻي سوداگري ڪرڻ هتي آسان آهي. نااهل ماڻهو کي به ته روزگار ڪرڻو آهي نه! اهو بهتر طريقو آهي ته برادري جي اٻوجهه عوام جو درد وڪڻجي! مظلوم پرتن جي سياست ڪمزور ٿيڻ سان اقتداري ۽ نسلي سياست مضبوط ٿي آهي. آلوده ماحول ۾ وبائون ته ڦهلجنديون…! 

ھن وقت نسلي سياست ڪندڙ اڪثر قبيلن جا نوجوان انھن ‘ھيروز’ جي نقش قدم تي ھلڻ چاھين ٿا جيڪي ماضي ۾ ايم پي اي, ايم اين اي, سينيٽر ٿي رھيا آھن. اھا الڳ ڳالھ آھي ته اھي ‘اقليتي ھيروز’ پارٽي منشور ۽ ‘پيٽ منشور’ تي وڌيڪ عمل پيرا پئي رھيا آھن. انھن جي سياسي تاريخ مفادن جي محور ۾ گھمي ٿي. انھن پوئتي پيل قبيلن کي ٻارڻ طور استعمال ڪيو. نه صرف فيوڊل نظام کي ٽيڪو ڏنو، پر ساڄي ڌر جي سياسي پارٽين ۾ مفادن سان ٻٽ ٿي مظلوم پرتن جو سياسي، سماجي ۽ معاشي استحصال به ڪندا رھيا. ھاڻ “اقليتي نوجوانن” ۾ ذات پات جي بنياد تي سياست ڪرڻ جو رجحان ان ڪري گھڻو وڌيو آھي جو ھو پراڻن “اقليتي ھيروز” جي واٽ تي راھگير ٿي ھن اقتداري سياسي نظام ۾ حصو پتي چاھين ٿا…!

هنن مظلوم ماڻهن جي نالي تي جيڪي دڪان کوليا آهن، انهي جو تسلسل به ساڳيو ماضي وارو آهي، جو هو مسڪينن کي ڪيش ڪرائي ن ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين اقتدار دوست پارٽين ۾ ڀڄي ويا، هُنن خوب مال ٺاهيو، پويان هي ماڻهو سڀ وسري ويا….هاڻي به هنن جي سياست نوڪرين ۽ ٻين مراعتن تي دنگ ڪري ٿي. ڏُک اهو آهي ته انهن ذاتي مفادن خاطر پيڙهيل طبقن ۾ ويڇا وڌا آهن، کين استعمال ڪيو آهي ۽  فراڊ ڪيو آهي، ڇو ته ذات برادري جي بنياد تي دنيا جي تاريخ ۾ ڪڏهن به انقلاب نه آيا آهن، ڪا مثبت تبديلي نه آئي آهي. هن بنياد پرست سوچ  مان نڪرڻ لاءِ انسانيت جي رستن تي هلڻو پوندو، ۽ بنا ڪنهن فرق ۽ تعصب جي هر انسان سان محبت ڪرڻي پوندي. هي ذات پرست مطالعو به نٿا ڪن جو اها اميد ڪجي ته ڪا فضيلت واري سياست به ڪندا. دقيانوسي ريتون، رجحان ۽ رسمون جهالت جي دور جي پيدائش هوندا آهن.  ياد رکڻ گھرجي ته هي تنگ نظري جو دور ناهي، دنيا روشن خيالي ۽ سائنسي سوچ سان محدود حدن ۽ پئمانن مان نڪري ڪائناتي حقيقتن کي اپنائي چڪي آهي. نسلي بنياد تي سياست ڪرڻ جي بجاءِ وطن دوست، سوشلسٽ ۽ حقيقي جمهوريت پسند پارٽين ۾ شموليت ڪري، پنهنجي حقن جو تحفظ ڪري سگهجي ٿو. نظرياتي، آدرشي ۽ انقلابي سياست ڇا هوندي آهي؟ ۽ ان جا ڪيڏا ديرپا، مثبت ۽ گهرا اثر ٿيندا آهن؟ ڪاش، هي ڄاڻن!  

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو