نوازشريف جي سرگرمين تي عدالت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي: فواد چوڌري

April 10, 2019 at 1:22 am

اسلام آباد (بيورو) سڌسماءِ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو اهي ته (ن) ليگ هميسه وانگر ڪوڙ ڳالهايو آهي نوازشريف جي سرگرمين تي عدالتن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، ايمبولنس بدران فضل الرحمان رائونڊ پهتو ميان صاحب کي سياسي آڪسيجن ڏيئي رهيو اڱاري تي چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو ته نوازشريف ايترو بيمار هو جو عدالت کي ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن ضمانت نه ملي ته حياتي کي خطرو آهي هن چيو ته (ن) ليگ هميسه وانگر ڪوڙ ڳالهايو آهي عدالتن کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي فواد چوڌري چيو ته 1947 کان 2008 تائين پاڪستان جو ڪل ٻاهريون قرض 37 ارب ڊالر هو ان رقم سان اسلام اباد ٺهيو تربيلا ۽ منگلا ڊيم ٺاهيا نيول بيسس ٺهيا فوج کي جديد هٿيار مليا گوادر ٺهيو موٽر وي ٺهي جڏهن ته 2008 کان 2018 تائين ٻاهرين قرض 97 ارب ڊآلر تائين ٿي ويو سوال آهي ته هي 60 ارب ڊالر ڪيڏانهن هليا ويا ڇا هي پئسا ٻن خاندانن پاڻ ۾ ورهايا هن چيو ته حديبه فراڊ جو ماڊل ٻنهي خاندانن بار بار استعمال ڪيو پئسي کي حواله هنڊي ذريعي ٻاهر موڪليو ويو ۽ گهمايو ويو جعلي اڪائونٽس ۾ جعلي ماڻحو استعمال ٿيا نوازشريف ۽ زرداري هن تماشي جا مرڪزي ڪردار آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو