نواز شريف جي بيان جي مس رپورٽنگ ٿي آهي:وزيراعظم

May 15, 2018 at 8:55 pm

اسلام آباد (بيورو) نواز شريف جي تڪراري بيان تي اپوزيشن وزيراعظم جي ايوان ۾ وضاحت کي رد ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف جو بيان ڀارتي ميڊيا پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو، نواز شريف جي بيان جي مس رپورٽنگ ٿي آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف اڳواڻن وزيراعظم جي وضاحت کي رد ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي سيٽن تي بيهي احتجاج ڪيو. وزيراعظم جي بيان کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ويو، نواز شريف رد ڇو ڪيو؟ ان تي وزيراعظم چيو ته قومي سلامتي اجلاس گهرائڻ ضرور هو، جنهن ۾ ملڪي سلامتي جي معاملي تي ڳالهه ٿي. پ پ اڳواڻ اعجاز جکراڻي چيو ته وزيراعظم پيٽ ۾ سور جي ڳالهه ڪئي، ان تي واڪ آئوٽ ڪيون ٿا. اعجاز جکراڻي جي بيان تي وزيراعظم اٿي بيهي وضاحت ڪندي چيو ته مان الزام ناهي لڳايو پر اهو چيو ته جنهن جي پيٽ ۾ سور آهي ڳالهه ڪري، روز روز تماشو نه ڪيو، ملڪ کي هلڻ ڏيو.27

برکا جو فيس بوڪ صفحو