نواز شريف جي بيان سان ملڪ جي عزت مجروح ٿي: شيري رحمان

May 13, 2018 at 9:07 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شيري رحمان ممبئي حملن بابت نواز شريف جي تڪراري بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم جي بيان سان پاڪستان جو وقار مجروح ٿيو. ڪراچي ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شيري رحمان چيو ته پ پ ممبئي حملن بابت نواز شريف جي بيان کي رد ڪري ٿي، پاڪستان 2008ع کان ممبئي ڪيس ۾ مستقل سهڪار فراهم ڪيو ۽ آمريڪا به چئي چڪو آهي ته ممبئي حملن ۾ پاڪستان جو ڪردار ناهي. هن چيو ته نواز شريف جي بيان کانپوءِ سڄي دنيا ۾ ان حوالي سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، پاڪستان کي عالمي سطح تي طاقتور ملڪن هدف بڻايو آهي، عالمي طاقتون پنهنجي ناڪامين جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏئي رهيون آهن پر پيپلز پارٽي هر سطح تي پاڪستان جو ڪيس وڙهندي. شيري رحمان چيو ته نواز شريف ڇا تجربي ڪار آهي، جو اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي. هن سوال ڪيو ته ڇا نواز شريف کي خبر نه هئي ته سندس بيان تي ڪهڙو ردعمل ايندو؟ ميان صاحب اهو ڇو ته ٻڌايو ته پاڪستان ممبئي حملن جو ٽرائل مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ڪوششون ڪيون. سندس چوڻ هو ته نواز شريف اهو ڇو نه ٻڌايو ته ڀارت اسان جي وڪيلن تائين پهچ به نه ڏني، اميد آهي ته ميان صاحب پاڪستان جي خاطر پنهنجي بيان جي وضاحت پيش ڪندو ۽ پنهنجو بيان واپس وٺندو.

برکا جو فيس بوڪ صفحو