نواز شريف جي جيل کان ٻاهر اچڻ تي آصف زرداري ملاقات ڪندو: خورشيد شاهه

January 11, 2019 at 11:11 pm

اسلام آباد ( بيورو ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف خلاف فيصلو ضمانت نه ٿيڻ جوڳو ناهي، اميد آهي ته نواز شريف هڪ ٻن مهينن ۾ ٻاهر اچي ويندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته آصف زرداري نواز شريف سان جيل  ملاقات نه ڪندو، نواز شريف جيل کان ٻاهر ايندو ته ملاقات ٿيندي. هن چيو ته نيب ٻين کي گهرائي رهي آهي عمران خان کي به گهرائڻ گهرجي، نيب جي گهرائڻ تي عمران خان جو وڃڻ بي عزتي ناهي. سندس چوڻ هو ته مهانگائي غريب ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، حڪومت مني بجيٽ ذريعي ٽيڪسن جو نئون بار وجهندي، هلندڙ سال اها ٽئين بجيٽ هوندي، حڪومت پارليامينٽ ذريعي عوام تي بار وجهڻ چاهي ٿي، حڪومت سپريم ڪورٽ جو حڪم مڃڻ لاءِ به تيار ناهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو