نواز شريف کي ڪجهه به ٿيو ته قتل سمجهيو وڃي: خورشيد شاهه

March 10, 2019 at 8:02 pm

 سکر(ڊ ر) پ پ پ جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومتي لاپرواهي جي ڪري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي ڪجهه به ٿيو ته اهو قتل سمجهيو وڃي.سکر ۾ وڻڪاري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته عمران خان ۽ ان جي پارٽي منهنجي هڪ ڳالهه ياد رکي، جيڪڏهن سندن نالائقي جي ڪري نواز شريف کي نقصان پهتو ته ان کي قتل سمجهيو ويندو، ان ۾ عمران خان ۽ ان جا ساٿي ملوث سمجهيا ويندا ۽ اهي ان کان بچي نه سگهندا.هن چيو ته نواز شريف جو گذريل ڏينهن وارو بيان ڳڻتي جوڳي واري ڳالهه آهي، سروسز ۽ جناح اسپتال ۾ دل جو شعبو ئي ناهي. خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف کي پنجاب ڪارڊيالاجي يا اين آءِ سي وي ڊي ۾ علاج جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، نواز شريف کي جيل مان ڪڍيو ئي نه پيو وڃي. نواز_بلاول ملاقات تي تبصرو ڪندي خورشيد شاهه چيو ته بلاول ڀٽو سياستدان آهي، ن ليگ ۽ پ پ پ شروع کان ئي وڏيون سياسي پارٽيون آهن.هن چيو ته وزيراعظم پوري ملڪ جو هوندو آهي پر عمران خان اڄ به ڪنٽينر تي بيٺل آهي، عمران خان جي سياست گارگند واري سياست آهي، کيس ڪنٽينر تي چاڙهيو ويو هو پر هو اڄ ڏينهن تائين هيٺ نٿو لهي. هن چيو ته جيڪو شخص يوٽرن جو ماسٽر هجي، ان جي سياست تي ڳالهائڻ جو ڪو فائدو ناهي، هو سياست ۾ ذاتيات تي لهي اچي ٿو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو