نواز شريف کي ڪو به مائنس نه ٿو ڪري سگهي: پرويز رشيد

February 10, 2019 at 8:06 pm

لاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته نواز شريف کي ڪو مائنس نه ٿو ڪري سگهي، مريم نواز کي اڃا سياست ڪرڻ جو قانوني حق ناهي تنهن ڪري خاموش آهي. هڪ انٽرويو ۾ پرويز رشيد چيو ته رڳو عدالت کان انصاف چاهي رهيا آهيون، ڊيل جو الزام هڻندڙ عدالت تي الزام هڻي رهيا آهن، ايئن نه ٿي جو ڊيل جون ڳالهيون ڪندڙن خلاف توهين عدالت جي درخواست اچي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم جواب ڏي ته اين آر او ۾ ٻئي ڌر ڪير آهي، عمران خان ۾ هڪ آمراڻي طاقت موجود آهي، ٻهارو گهمائڻ جي ڳالهه مان خوف اچي ٿو، ڪٿي سڀ ڪجهه وهائي نه وڃي. سندس چوڻ هو ته پرويز مشرف کي بچايو ويو ۽ هو پرڏيهه هليو ويو، نيب سياسي انتقام لاءِ گرفتاريون ۽ انڪوائريون ڪري رهي آهي، آمدني کان وڌيڪ اثاثن تي توهان ڪنهن ڪنهن کي پڪڙي سگهو ٿا، خدشو آهي ته شاهد خاقان عباسي سان به سياست ٿيندي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو